خيرپور

شهيد بينظير انڪم سپورٽ جي آيل ٽن مهينن واري قسط غريبن ۾ نه ملي

BISPخيرپور ( ڊر ) شهيد بينظير انڪم سپورٽ جي آيل ٽن مهينن واري قسط غريبن ۾ نه ملي ايف آءِ اي رڪارڊ چيڪ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو پوسٽ آفيس جا عملدار پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ سرگرم ٿي ويا غريب مسڪين عورتن جي احتجاجي مظاهرو خبر موجب پوسٽ آفيس خيرپور ۾ غبن ڪيل شهيد بينظير انڪم سپورٽ جي هڪ ڪروڙ ٻاهٺ لک واري رقم جو ايف آءِ اي سکر جي عملدارن جاچ شروع ڪري ڏني آهي پوسٽ آفيس مان رڪارڊ هٿ ڪري ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته عملدار پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ جا ڏوڪڙ وٺڻ جي لاءِ آيل پوسٽ آفيس ۾ سوين عورتن کي پئسا نه مليا ان موقعي تي عورتن سخت احتجاج ڪندي پوسٽ آفيس عملي خلاف سخت ڇتي نعريبازي ڪئي ان موقعي تي پوسٽ آفيس جي عملدار پنهنجا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ پنهنجن پٽيوالن جي معرفت عورتن کي ڪوڙا دلاسا ڏنا ته توهان جي رقم اڃان نه آئي آهي جيئن رقم آئي ته توهان کي گهر موڪلي ڏينداسي جڏهن ته عورتن پوسٽ آفيس ٻاهران ڌرڻو هڻي ويهي رهيون انهن جي اڳواڻي سمينا لغاري، ممتاز شيخ ، قربان کاتون ابڙو، عنايتان سهتو، ڪري رهيو هيون هنن چيو ته مارچ اپريل مئي جي قسط آيل آهي ۽ پوسٽ آفيس وارن غبن ڪري اسان کي ٻن مهينن کان بيگناهه پوسٽ آفيس خيرپور جا چڪر ڪاٽرائن ٿا هنن صدر پاڪستان آصف علي خان زرداري وزير اعظم يوسف رضا گيلاني کان جاچ ڪرائي انصاف ڏيارائڻ جو مطالبو ڪيو آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button