سکر

سکر سميت اندرون سنڌ جي شهرن ۾ مڪمل هڙتال، ننڍا وڏا شهر بند، ٽريفڪ روزاني جي معمول کان گهٽ هلندي رهي

Sukkur strikeسکر(رپورٽ؛عمر سومرو)سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي انتظامي ورهاڱي کي سڄي سنڌ وانگر سکر ۽ ڀرپاسي جي عوام رد ڪري ڇڏيو. قومپرست سياسي، سماجي ڌريون سراپا احتجاج بڻجي ويون. سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ پاران تير چوڪ کان گهنٽا گهر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. سکر سميت اندرون سنڌ جي شهرن ۾ مڪمل هڙتال، ننڍا وڏا شهر بند، ٽريفڪ روزاني جي معمول کان گهٽ هلندي رهي. پوليس جا قومپرستن جي گهرن تي ڇاپا، 0 3 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار، اندرون سنڌ جي شهرن ۾ تجارتي ۽ ڪاروباري مرڪز ۽ پيٽرول پمپ بند، شهري زندگي مفلوج ٿي ويئي. سرڪاري آفيسن ۾ حاضري گهٽ رهي. هڙتال سبب اسڪول به بند، عوام ۾ سرڪار خلاف تاءُ ڪمشنري نِظام بحال ڪرڻ جي گهر خبر موجب حڪومت پاران سنڌ جي انتظامي ورهاڱي کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ بلدياتي نظام ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪمشنري نظام خلاف سنڌ جي قومپرست، سياسي، سماجي ڌريون سراپا احتجاج بڻجي ويون. سکر سميت اندرون سنڌ جي شهرن، روهڙي، پنوعاقل، گهوٽڪي، ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو، اوٻاوڙو، ڪنڌرا، صالح پٽ، جروار، مبارڪ پور، خيرپور، پير جو ڳوٺ، پريالو، ڳاڙهي موري، سيٺارجه، هنڱورجه، راڻيپور، گمبٽ سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال رهي ۽ شهرن ۾ ڪاروباري ۽ تجارتي مرڪز ۽ پيٽرول پمپ به بند رهيا. جڏهن ته سرڪاري آفيسن ۾ حاضري تمام گهٽ رهي . اندرون سنڌ ۾ هڙتال سبب سرڪاري ۽ پرائيوٽ اسڪول به بند رهيا. جڏهن ته اندرون سنڌ جي شهرن ۾ ٽريفڪ روزانه جي معمول کان گهٽ هلندي رهي. پيٽرول پمپ بند هجڻ ڪري گاڏين جي مالڪن کي پيٽرول حاصل ڪرڻ ۾ دشواريون پيش اينديون رهيون. جڏهن ته سکر شهر جا تجارتي ۽ ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهيا. سکر جي شاهي بازار، صرافه بازار، شهيد گنج، اسٽيشن روڊ، گهنٽا گهر، نيوپنڊ، نئون ڳوٺ، مهراڻ مرڪز، ڀٽا روڊ، گرم گودي، ملٽري روڊ، شڪارپور روڊ، شاليمار روڊ، ميناره روڊ، نيم جي چاڙهي سميت شهر اندر مڪمل طور تي هڙتال رهي. جڏهن ته سکر پوليس پاران مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 0 3 کان وڌيڪ قومپرست ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته اندرون سنڌ جي عوام سنڌ جي ورهاڱي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. شهر جي مختلف علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ خلاف ضلعي صدر مقيم کوسو، وحيد کوسو، نظير سومرو، نارائڻ داس، عرفان چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ تير چوڪ کان گهنٽا گهر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. ريلي ۾ ڪارڪنن سنڌ جي ورهاڱي خلاف اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي. ريلي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي آهي سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به سنڌ ورهائڻ جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ ڪو نه ڏيندا. ۽ حڪومتي چونڊيل نمائندن تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ انهن جو علائقي ۾ واپس اچڻ تي گهرن جو گهيراءُ جو اعلان ڪيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button