سچل ٽيلر ليبر ايسوسيئيشن خيرپور طرفان اجرت وڌائڻ لاءِ بک هڙتال
خيرپور (ڊر) سچل ٽيلر ليبر ايسوسيئيشن خيرپور طرفان اجرت وڌائڻ لاءِ بک هڙتال احتجاجي مظاهرو خبر موجب اڱاري تي ٻئي ڏينهن به سچل ليبر ايسوسيئيشن خيرپور طرفان اجرت وڌائڻ جي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري سوڪ سينٽر ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪئي ان موقعي تي تنظيم جي اڳواڻن عبدالله ڪورائي، امداد شيخ ، حفيظ عباسي، صديق ڦلپوٽو ، اعجاز چنو ، ظهير سومرو، ۽ ٻين ٻڌايو ته سلائي جا دوڪاندار چار سئو روپيه في جوڙي تي وٺن ٿا ۽ اسان کي صرف 150 رپيو ڏنو وڃي ٿو جيڪڏهن دوڪاندارن کان وڌيڪ اجرت گهرون ٿا اهي اسان کي دوڪان تان ڪڍي بيروزگار ڪن ٿا هنن چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ڪري ٻه جوڙا به سلائي نٿا ڪري سگهون هنن وڌيڪ چيو ته جيستائين اسان جي اجرت نه وڌائي ويندي تيستائين اسان جي علامتي بک هڙتال جاري رهندي ان موقعي تي يونائيٽيڊ ليبر فيڊريشن جي اڳواڻن امجد لاشاري محمد عارف کوسو ، اعجاز عباسي ، فياض عباسي ۽ ٻين پورهيتن جي حمايت جو اعلان ڪيو .