سچل سرمست اظهار جي آزادي جو وڏو علمبردار هو سندس فڪر ۽ فلسفو اڄ جي دور جي ضرورت آهي: سسئي پليجو
خيرپور : صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو چيو آهي سنڌ جي صوفين جي پيغام جو پڙاڏو پوري دنيا ۾ گونجي ٿو ۽ سندن پيغام دنيا جي خوشحالي، عالمي امن، مذهبي رواداري ۽ انسان دوستي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته گولي ڪراچي يا ڪوئٽه ۾ هلي اسين ان جي مذمت ڪيون ٿا جڏهن سنڌ جي صوفين جون ادبي، تحقيقي سرگرميون ۽ مشاعرا ملڪ جي ٻين صوبن ۾ پڻ ڪرايا ويندا. هن اهڙو اظهار حضرت سچل سرمست رح جي سالياني 190 هين عرس جي ٻئي ڏينهن رات جو سچل ڪامپلڪيس م ثقافت کاتي ۽ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي پاران منعقد ڪرايل سچل ادبي ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سچل سرمست اظهار جي آزادي جو وڏو علمبردار هو سندس فڪر ۽ فلسفو اڄ جي دور جي ضرورت آهي. هن چيو ته ثقافت کاتي پاران صوبي جي مختلف صوفي بزرگ شاعرن توڙي نئين ٽهي جي شاعرن جي ادبي خدمتن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو پيو وڃي جڏهن تحقيق ڪندڙ جي مواد کي پڻ ثقافت کاتي پاران ڇپايو پيو وڃي. هن چيو ته شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ قائم سچل چيئر کي وڌيڪ موثر بڻايو ويندو ۽ سچل شناسي تي ڪم ڪندڙ اديبن، شاعرن ۽ تحقيقدانن کي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. ان موقعي تي حضرت سچل سرمست جي موجوده سجاده نشين ڊاڪٽر سخي قبول محمد فاروقي خطاب ڪندي چيو ته تصوف جسم جي تبديلي جو نالو نه پر روح جي تبديلي جو نانءُ آهي جڏهن ته سيلف رسپيڪٽ ۽ ايگو کي الڳ الڳ ڏسڻ جي ضرورت آهي انسان جي شخصيت جي انهن ٻنهي اهم پهلوئن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ اڻڄاڻائي آهي. هن چيو ته اڄوڪي دور ۾ ماڻهو ذهني فرسٽريشن جو شڪار آهي جڏهن صوفين جي واٽ انسان جي لاءِ راههِ نجات آهي. هن چيوته حضرت سچل سرمست رح نه صرف هفت زبان شاعر هو پر گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته هُو هڪ اعلى پائي جو نثر نگار پڻ هو ۽ فارسي ۾ سندس نثر جي حوالي سان پڻ وڏو ڪم ٿيل آهي. ان موقعي تي وڏي وزير جو پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو خطاب ڪندي چيو ته موجوده حڪومت ۾ ملڪ توڙي صوبي اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن جڏهن سنڌ ڌرتي جي صوفين جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ ثقافت کاتي کي هڪ ارب روپين جي بجيٽ ڏني وئي آهي. هن وڌيڪ چيوته جمهوري حڪومتون عوام جي طاقت سان اينديون آهن انهن کي ڪير به لوڏي نٿو سگهي. ان موقعي تي سيڪريٽري ثقافت عبدالعزيز عُقيلي خطاب ڪندي چيوته ڀٽ شاهه ۽ قلندر جي مزار تي سندن کاتي پاران “ ثقافتي مرڪز” پهريان کان ئي موجود هئا پر درازا شريف ۾ اهو خال هاڻي ڀريو آهي جو هن سال سچل ڪامپليڪس مڪمل ٿي ويو آهي جنهن جو افتتاح سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو صاحبه جن ڪيو آهي جنهن ۾ اڄوڪي ادبي ڪانفرنس منعقد ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته عمارت ۾ لائبريري ۽ ميوزم پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هن آجياڻي واري تقرير ۾ ٻُڌايو ته ادبي ڪانفرنس جو مقصد حضرت سچل سرمست جي زندگي، فڪر ، فلسفي ۽ شعر و شاعري تي روشني وجهڻ لاءِ کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيوته سچل جو فڪر انسان دوستي، انسان شناسي، خلوص، رواداري، امن، سک ۽ شانتي جو درس ڏئي ٿو. ان موقعي تي سچل يادگار ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ خطاب ڪندي چيو ته سنڌجي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني جي خاص ڪوششن سان حضرت سچل سرمست رح جي درگاهه تي مختلف ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن ۽ اڃان به وڌيڪ ڪرايا پيا وڃن. هن چيوته سچل سرمست جي فارسي ڪلام جي اهميت ۽ افاديت کي قائم رکندي سچل يادگار ڪاميٽي ۽ ثقافت کاتو گڏجي دانشورن جي مدد سان سنڌي توڙي انگريزي ۾ ترجمو ڪرايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سچل يادگار ڪاميٽي پاران سچل شناسي تي هر مهيني پروگرام ڪرايو ويندو ته جئين سچل جو پيغام وڌ ۾ وڌ عام ٿي سگهي. ان موقعي تي سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڊاڪٽر مخمور بُخاري پاران سچل سرمست تي ڪيل پي ايڇ ڊي ٿيسز جوتحقيق تت “ سچل سرمست ۽ ان جا همعصر شاعر” جي مهورت ڪئي وئي. ان موقعي تي پوپٽ پبلشنگ هائوس پاران سچل سرمست جي فڪر تي تحقيق ڪندڙ حزب الله آءِ سومرو پاران تازو تحقيق ڪيل ڪتاب “ سچل جو فڪر” ۽ ڊاڪٽر مخمور بُخاري پاران هڪ ٻئي ڪتاب “ سچل ساڃاهه شعور” جي پڻ مهورت ڪئي وئي. جڏهن ته سنڌ اطلاعات کاتي پاران سچل سرمست جي 190 هين عرس جي موقعي تي خاص اشاعت “سچل سرمست سچ جو آواز” ۽ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي پاران سرمست 32 هون ۽ سچل سووينئر 22 پڻ ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ اديبن ۽ شاعرن ۾ ورهايو ويو. ان موقعي تي نيشنل لينگويج اٿارٽي اسلام آباد جي چيئرمين انوار الحق، خيبر پختونخواه جي پروفيسر يار محمد مغموم خٽڪ، بلوچستان جي پروفيسر محمود شاهه بُخاري، ڊاڪٽر نواز علي شوق، تاج جويو، بشير شاد، حزب الله سومرو، الطاف آثيم، ڊاڪٽر مخمور بُخاري، پروفيسر محمد يوسف خُشڪ، مختيار ملڪ، سميه قاضي، صنم لطيف، عابد مظهر ۽ ٻين سچل جي ڪلام، شخصيت ، فڪر ۽ فلسفي تي مقالا پڙهيا. ان موقعي تي شفيع فقير، شهنيلا علي، سونو ڪمار، ۽ ٻين فنڪارن سچل جا ڪلام پيش ڪيا ويا جڏهن مقالن جي نشست کانپوءِ سچل مشاعري ۾ مختلف شاعرن سچل تي شاعري پيش ڪئي. ان موقعي تي سچل ادبي ڪانفرنس ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻ لعل بخش منگي، ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ، ڊي جي ڪلچر محمد رمضان اعواڻ، ڊائريڪٽر ڪلچر محمد علي مانجهي، ايم ڊي ٽوئرزم منظور حسين ڪناصرو، ڊائريڪٽر انفارميشن سکر عبدالحق ٽڳڙ، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن سيد آصف علي شاهه، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي پرنسپال ايس ايم يوسف، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل، انفارميشن آفيسر صاحب خان ڀنڊ، ڊي ڊي روينيو خيرپور قدير انصاري، ڊي ڊي او روينيو گمبٽ سيد پريل شاهه، سڀيتا اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر منظور حُسين اڄڻ، ايڊوڪيٽ زين سولنگي، اشفاق لغاري،ميان غلام حُسين فاتح ميراڻي، ڪفايت گُل، قربان منگي، امر اقبال، سجاد ميراڻي، زاهد تنيو، ادريس عاجز عباسي، رحيم بخش سولنگي، بشير منگي، امتياز دانش، انور پرديسي، برڪت بلوچ ۽ ٻين اديبن توڙي شاعرن ۽ صحافين جي وڏي انگ ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.