خيرپور

سچل جهڙا صوفي شاعر دنيا ۾ ورلي ملندا جن مختلف ٻولين تي عبور حاصل ڪيو: قائم علي شاھ

Qaim Ali Shah at Sachal Sarmastخيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاه چيو آهي ته سچل جو پيغام محبت، پيار ، امن ۽ ڀائيچاري وارو آهي جڏهن ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي تنهن ڪري سنڌ کي لهر نه ڪوئي لوڏو آهي سنڌ هميشه قائم ۽ دائم رهندي، هن چيوته سچل جهڙا صوفي شاعر دنيا ۾ ورلي ملندا جن مختلف ٻولين تي عبور حاصل ڪيو ۽ انهن ٻولين خوبصورت شاعري ڪئي. وڏي وزير اهڙو اظهار اڱاري ڏينهن سچل سرمست جي 190هين عرس جي ٻئي ڏينهن چادر چاڙهڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ۽ محفلِ سماع جي تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته هُو شاگردي ۽ وڪالت واري دور کان سچل جي درگاهه جو پانڌيئڙو رهيو آهي تنهن زماني ۾ سچل اڪيڊمي قائم ڪئي وئي هئي جنهن ۾ هوُ پاڻ وائيس چيئرمين ۽ مرحوم هادي بخش لاڙڪ ۽ ٻيا سرگرم ميمبر هئا. وڏي وزير چيوته شهيد محترمه پڻ صوفين جي امن واري پيغام جي پوئيواري ڪندي پارٽي جو منشور پڻ سڄي ملڪ جي بهتري لاءِ ٺاهيو. هن چيو ته موجوده دور آزمائش ۽ امتحان جو دور آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي جو حڪومت عملي سياست ۾ يقين رکندي آهي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ تمام گهڻا قدم کنيا آهن. وڏي وزير چيوته موجوده حڪومت عوام جي ڏکن ۽ دردن جي ختم ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي جڏهن ته کين روزگار ۽ معاشي خوشحالي جي وڌ ۾وڌ موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. وڏي وزير خطاب ڪندي چيو ته گذريل سال جي ٻوڏ سنڌ ۾ وڏي تباهي آندي جنهن ۾ لکين ماڻهو متاثر ٿيا جڏهن ته تازو برساتن ۾ پڻ ڇهن ضلعن کي وڌ ۾ وڌ ۾ نقصان ٿيو آهي جنهن جي بحالي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪيون پيو وڃن. ان موقعي تي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو خطاب ڪندي چيوته سچل معنى سچ آهي ۽ سچ جي ڳالهه هميشه اڳتي هوندي آهي هن چيو ته سچل سائين جي پڌر تي سچل جي نالي سان ثقافت کاتي پاران 4 ڪروڙ 71 لک روپين جي لاڳت سان تيار ٿيل سچل ڪلچرل ڪامپليڪس سچل سائين تي تحقيق ڪرائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندو جنهن ۾ ڪوبه اسڪالر اچي سچل تي تحقيق ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ثقافت کاتي پاران صوبي اندر وڌ ۾ وڌ ڪم ڪرايا ويا آهن جڏهن ته صوبائي وزير ثقافت پنهنجي کاتي پاران سچل جي فارسي شاعري کي سنڌي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي اوقاف کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر محمد رفيق ٻانڀڻ خطاب ڪندي چيو ته وڏي وزير جي ڪوششن ۽ ڊي سي او خيرپور جي خاص دلچسپي سبب سچل جي درگاهه تي وڌ ۾ وڌ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن جڏهن ته اوقاف کاتي پاران صوبي جي سڀني درگاهن جي بهتري لاءِ هر ممڪن ڪوششون ورتيون پيون وڃن. ان موقعي تي سچل سرمست درگاهه جي گادي نشين ڊاڪٽر سخي قبول محمد فاروقي خطاب ڪندي چيو ته سچل هفت زبان شاعر هو سندس جا صرف سرائيڪي ٻولي ۾ 5 کان 8 هزار شعر چيا آهن. هن چيو ته سچل جي ڪلام جي اها خوبصورتي آهي ته اها چٽِي آهي. هن وڏي وزير کان درگاهه جي آس پاس قبضن کان آجو ڪرائڻ جي گُهر ڪئي جڏهن ته وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ ڊاڪٽر سخي قبول محمد کي درگاهه تان قبضا ختم ڪرائڻ جو يقين ڏياريو. جڏهن ته تقريب کي آجياڻي واري تقرير ڊي سي او خيرپور ۽ سچل يادگار ڪاميٽي جي چيئرمين محمد عباس بلوچ آجياڻي واري خطاب ڪيو ۽ سچل جي فارسي ڪلام کي سنڌي توڙي ٻين ٻولين ۾ ترجمي ڪرائڻ لاءِ سچل يادگار ڪاميٽي کي پاران هڪ بورڊ تشڪيل ڪرڻ جي تجويز ڏني. ان موقعي تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو، صوبائي وزير اوقاف ڊاڪٽر محمد رفيق ٻانڀڻ ثقافت کاتي پاران 4 ڪروڙ 71 لک روپين جي لاڳت سان تيار ڪرايل سچل ڪلچرل ڪامپليڪس، ضلعي حڪومت پاران 65 لک روپين جي لاڳت سان تيار ڪرايل محفلِ سماع هال ۽ 25 لک روپين جي لاڳت سان سچل جي درگاهه ۽ مسجد جي مرمتي ڪم جو افتتاح ڪيو جڏهن ضلعي حڪومت پاران هڪ ڪروڙ 30 لک روپين جي لاڳت سان تيار ٿيندڙ سرمست ريسٽ هائوس جو سنگ بنياد رکيو. جڏهن ان موقعي تي سچل ڪامپليڪس جي افتتاح دوران صوبائي وزير ثقافت ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي تيار ٿيل ڪامپليڪس جي حوالي ٻُڌايو ته 10 ايڪڙ تي مشتمل ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ 4 کان 7 هزار ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش رکندڙ اوپن ايئر ٿيٽر، مختلف پروگرامن ڪرائڻ لاءِ اسٽيج، سچل سرمست ڊائريمال ميوزم، لائبريري جا حصا شامل آهن. جڏهن ڪامپليڪس جي مرڪزي بلڊنگ سان گڏ ملازمن جي رهائش لاءِ 6 ڪوارٽر پڻ تعمير ڪرايا وياآهن. صوبائي وزير ٻڌايو ته ڪلچرل ڪامپليڪس جي ٺاهڻ جو مقصد صوبي جي صوفين ۽ خاص طور تي سچل سرمست جي پيغام کي اُجاگر ڪرڻ، هريٽيج جي وڌائڻ ۽ ان کي ترقي ڏيارڻ آهي. هتي صوفي سماع توڙي صوفي محفلن جا پروگرام ڪرائي سگهجن ٿا. ان موقعي تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين صوبائي وزيرن سان سيڪريٽر ثقافت عبدالعزيز عُقيلي، ڊي جي ڪلچر محمد رمضان اعواڻ، ڊائرڪيٽر ڪلچر منظور ڪناصرو، ڊائريڪٽر لياقت نيشنل لائبريري ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، پيپلز پارٽي اڳواڻ سيد جاويد علي شاهه، ڊي آءِ جي ظفر عباس بُخاري، ڊي پي او عرفان بلوچ، ڊائريڪٽر انفارميشن سکر عبدالحق ٽڳڙ ۽ ٻيا ضلعي ۽ تعلقي عملدار ساڻس گڏ هئا. ان موقعي سچل ايوارڊ تقريب ۾ بهترين صوفي راڳي فقير عبدالواحد جمالي مرحوم، بهترين راڳي طُفيل سنجراڻي، بهترين مقاله نگار ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ، بهترين شاعر امر اقبال، بهترين ملهه پهلواڻ محرم علي مجيداڻو، بهترين سگهڙ محمد ملوڪ عباسي، بهترين ڪارڪن خليل الرحمان مهيسر، سهڪاري ايوارڊ منظور ڪناصرو ڊائريڪٽر ڪلچر جڏهن ته لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ پير عبدالقادر شاهه جيلاني مرحوم، ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه، لعل بخش منگي، قربان منگي،مولا بخش لاڙڪ، محمد علي حداد مرحوم کي ڏنا ويا جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير ، سجاده نشين درگاهه سچل سرمست ڊاڪٽر سخي قبول محمد، صوبائي وزير سسئي پليجو، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين مرحوم ايس اين عباسي، سماجي اڳواڻ صغرا سولنگي، ڊي سي او محمد عباس بلوچ، نانڪ رام، منصور ميراڻي ۽ ٻين کي سچل يادگار شيلڊون ڏنيون ويون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button