اسلام آباد

سيد قائم علي شاهه کي وفاقي حڪومت ۾ آڻڻ ۽ خورشيد شاهه کي مشير اعليٰ بعد وڏو وزير بڻائڻ جو فيصلو

pre pppsindhcabinetاسلام آباد : صدر آصف زرداري ڪيترن ئي ڏينهن جي مشاورت کان پوءِ سنڌ ۾ وڏي پيماني تي سياسي تبديلي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن جو اعلان اڄ ڪور ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿو. صدر آصف زرداري ڪراچي جي بگڙجندڙ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ نه رڳو پيپلزپارٽي جي اهم اڳواڻن سان مشاورت ڪئي آهي پر پنهنجي اتحادي متحده جي سربراهه الطاف حسين، اي اين پي جي سربراهه اسفند يار ولي ۽ جي يو آءِ جي صدر مولانا فضل الرحمان سان پڻ مشورا ڪيا آهن. ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي مرڪزي حڪومت ۾ آڻڻ ۽ وفاقي وزير خورشيد شاهه کي پهرين مرحلي ۾ سنڌ ۾ مشير اعليٰ بڻائڻ بعد وزيراعليٰ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڀتا وصولي کي دهشتگردي قرار ڏيڻ لاءِ دهشتگردي ٽوڙ قانون ۾ ترميم ڪري سخت کان سخت سزا ڏني ويندي. پوليس ۽ رينجرز کي غير معمولي اختيار ڏنا پيا وڃن. دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ پڻ جلد اضافو ڪيو ويندو. ٻئي طرف متحده قومي موومينٽ حڪومت ۾ شموليت کي ڪراچي ۾ دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ متحده رابطا ڪاميٽي اڄ اهم اعلان ڪندي، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪمشنري نظام ۽ بلدياتي نظام جي حوالي سان پيپلزپارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ ۾ اتفاق ٿي ويو آهي. جنهن ۾ اڳڀرائي ڪندي صدر آصف زرداري ۽ الطاف حسين ان جي منظوري لاءِ رابطا ڪاميٽي ۽ ڪور ڪميٽي جا اجلاس پڻ سڏائي ورتا آهن. پ پ ۽ متحده ان تي پڻ اتفاق ڪيو آهي ته دهشتگردي جي هلندڙ لهر ۾ ٻئي جماعتون گڏجي هلنديون. متحده حڪومت کي دهشتگردن جي هڪ ڊگهي لسٽ ڏني آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ڪراچي ۾ تازو ٿيل دهشتگردي جي واقعن جي وڊيو سي ڊي به ڏني آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪري کيس پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي. صدر آصف زرداري ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي ڪنهن به قسم جو بيان ڏيڻ کان روڪيو آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button