سنڌ ۾ وڌيڪ صنعتي مرڪزن جو ڄار وڇايو ويندو: ڊاڪٽر سروت فهيم
سکر: سنڌ ۾ وڌيڪ صنعتي مرڪزن جو ڄار وڇايو ويندو جڏهن ته مختلف علائقن جي صنعتڪارن سان صنعتي مرڪزن جي قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ سيڙپ لاءِ پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي. اهڙو اظهار مينيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ سمال انڊسٽريز ڊاڪٽر سروت فهيم سکر سرڪٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيوته سنڌ ۾ صنعتي مرڪزن جي قائم ٿيڻ سان علائقي واسين جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا جڏهن ته صوبي اندر معاشي سرگرمين کي پڻ هٿي ملندي. ميڊيا جي نمائندن جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ايم ڊي ڊاڪٽر سروت فهيم ٻُڌايو ته ماحولياتي پهلوئن کي نظر ۾ رکندي صنعتڪارن سان صنعتي مرڪزن جي قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي جڏهن ته صوبي اندر امن امان ، بجلي، گيس ۽ حد دخلين جي ڪري ماضي ۾ صنعتي مرڪز قائم نه ٿي سگهيا ۽ موجوده حڪومت جي خاص دلچسپي سبب پوري صوبي اندر صنعتي مرڪزن جو ڄار وڇايو ويندو ۽ اهڙن صنعتي مرڪزن قائم ڪرڻ لاءِ سيڙپ ڪندڙ صنعتڪارن کي وڌ ۾ وڌ سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيوته ٻه ڏينهن اڳ سندس ايم ڊي جي چارج ملي آهي جڏهن ته 10 ڏينهن اڳ وزير قانون محمد اياز سومرو کي انڊسٽريز کاتي جي چارج ڏني وئي آهي انهي عرصي ۾ وڏي وزير کان صنعتي سرگرمين جي حوالي سان 10 سمريون منظور ڪرايون ويون آهن جڏهن ته کاتي پاران سنڌ حڪومت کي صنعتي سرگرمين جي لاءِ وڌيڪ فنڊس ڏيڻ لاءِ پڻ لکيوويو آهي.