سنڌ ۾ مڪمل ھڙتال رھي، قومپرست اڳواڻن کي مبارڪون
سکر (بيورورپورٽ) سکر ۾ قومپرستن پاران پاران هڙتال واري سڏ کي ڀرپور موٽ هفتي ۾ ٻيو ڀيرو پ پ حڪومت خلاف ڪامياب هڙتال وهنوار ٺپ ،حڪومت کي قبلو درست ڪرڻ جو چتاءُ خبر موجب سنڌ جي قوم پرست ڌرين پاران جوڙيل سنڌ بچايو ڪميٽيءَ پاران سنڌ ۾ ڪمشنري جي خاتمي ۽ مقامي نظام جي بحاليءَ خلاف جيئي سنڌ محاذ، جسقم ،سنڌ ترقي پسند پارٽي جيئي سنڌ تحريڪ ، عوامي تحريڪ سميت سنڌ جي قومپرست سياسي، سماجي ڌريون سراپا احتجاج بڻجي ويون. سکر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا روڊ تي ٽريفڪ معمول کان تمام گهٽ رهي ان سان گڏوگڏ، روهڙي، پنوعاقل، گهوٽڪي، ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو، اوٻاوڙو، ڪنڌرا، صالح پٽ، جروار، مبارڪ پور، خيرپور، پير جو ڳوٺ، پريالو، ڳاڙهي موري، سيٺارجه، هنڱورجه، راڻيپور، گمبٽ سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال رهي ۽ شهرن ۾ ڪاروباري ۽ تجارتي مرڪز ۽ پيٽرول پمپ به بند رهيا. جڏهن ته سرڪاري آفيسن ۾ حاضري تمام گهٽ رهي . اندرون سنڌ ۾ هڙتال سبب سرڪاري ۽ پرائيوٽ اسڪول به بند رهيا. جڏهن ته اندرون سنڌ جي شهرن ۾ ٽريفڪ روزانه جي معمول کان گهٽ هلندي رهي. پيٽرول پمپ بند هجڻ ڪري گاڏين جي مالڪن کي پيٽرول حاصل ڪرڻ ۾ دشواريون پيش اينديون رهيون. جڏهن ته سکر شهر جا تجارتي ۽ ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهيا. سکر جي شاهي بازار، صرافه بازار، شهيد گنج، اسٽيشن روڊ، گهنٽا گهر، نيوپنڊ، نئون ڳوٺ، مهراڻ مرڪز، ڀٽا روڊ، گرم گودي، ملٽري روڊ، شڪارپور روڊ، شاليمار روڊ، ميناره روڊ، نيم جي چاڙهي سميت شهر اندر مڪمل طور تي هڙتال رهي. جڏهن ته سکر پوليس پاران مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي ڪيترائي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.شهر جي مختلف علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ پاران ڪمشنري نظام جي خاتمي ۽ مقامي نظام جي بحاليءَ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. ريلي جڏهن نئين ڳوٺ وٽ پهتي ته نامعلوم هٿياربندن پاران ريليءَ تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ٻه ڪارڪن عبدالحفيظ سيٺار ۽ صدام کوسو اغوا ڪيا ويا مڇريل ڪارڪنن جو اي سيڪشن ٿاڻي آڏو ڌرڻو پوليس خلاف سخر نعريبازي، احتجاج بعد اغوا ٿيل ڪارڪن زخمي حالت ۾ بازياب ڪيا ويا. ريلي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي آهي سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به سنڌ ورهائڻ جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ ڪو نه ڏيندا. ۽ حڪومتي چونڊيل نمائندن تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ انهن جو علائقي ۾ واپس اچڻ تي گهرن جو گهيراءُ جو اعلان ڪيو ويو.اڳواڻن سنڌ جي حڪمرانن کي چتاءُ ڏنو ته هو سنڌ جي وحدت خلاف سازشون بند ڪري سنڌ اسيمبلي جو تقدس بحال ڪرائين. هاڻي وقت گذري ويو جو سنڌ جا ماڻهو هر فيصلي تي خاموش ٿي ويهندا هوڏانهن اعلانيل هڙتال کان اڳ ئي رات جو سکر جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ سبب ڏهڪاءُ پکڙيل رهيو هڙتال کي ڪامياب بنائڻ لاءِ قومپرست ڪارڪنن کان سواءِ عام سنڌي ماڻهن پاران هڪ ٻئي ڏانهن موبائيل ايس ايم ايس به ڪيا ويا سنڌ جي ماڻهن پاران ڏنل موٽ تي قومپرست اڳواڻن کين مبارڪون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته اڳتي به سنڌ جا ماڻهو ايڪي جو ثبوت ڏين.