سنڌ کي انتظامي طور تي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف ٺٽي ۾ سوين شهرين جو احتجاجي مظاهرو
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) سنڌ کي انتظامي طور تي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف ٺٽي ۾ سوين شهرين جو احتجاجي مظاهرو، پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو جي آفيس اڳيان ڪارا توا ٽنگي چوڙيون اڇلائي ڌرڻو هنيو ويو، اهي غدار وطن تونسان جهيڙو آ ، جهڙا روزدار نعرا، ٺٽي جي سماج سڌارڪ اسحاق خشڪ جي اڳواڻي ۾ شاهه ڪمال محلي کان ريلي ڪڍي ويئي جنهن ۾ نوجوان، اديب ۽ سول سوسائٽي جا ماڻهو شامل ٿي ويا، نوجوان جي هٿن۾ ڪارا توا ۽ چوڙيون هيون جيڪي نعريبازي ڪندي ٺٽي ۾ پ پ جي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو جي آفيس اڳيان پهچي سندس آفيس اڳيان ڪارا توا ٽنگهي ۽ چوڙيون اڇلائي ڇڏيون ۽ سخت نعريبازي ڪندا شرم ڪريو حيا ڪريو اسيمبلي ميمبر استعيفيٰ ڏيو ،اي غدار وطن جا جهيڙو آ ، جا زوردار نعرا هنيا، بعد ۾ وڏي احتجاجي ريلي جي صورت ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان پهچي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ان موقعي تي سماج سڌارڪ اسحاق خشڪ خطاب ڪندي چيوته پ پ جڏهن به اقتدار ۾ آئي اهي سنڌ کي نقصان رسايو آهي پر هاڻ ان نقصان جي حد به اورانگهي ڇڏي آهي ، هن چيو ته سنڌ کي ليڪو ڪڍي ڌار ڪرڻ جي هر سازش خلاف سخت کان سخت مزاحمت ڪئي ويندي، هنن اعلان ڪيو ته هو سمورن چونڊيل نمائندن جي آفيسن ۽ گهرن اڳيان احتجاج طور تي توا ٽنگيندا .