سنڌ پنج هزار ورهين کان وٺي هن مهل تائين تاريخي ۽ ثقافتي طور تي سنڌي قوم جو ملڪ رهيو آهي: حمد علي شاهه
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ضلعي ٺٽي سان تعلق رکندڙ مختلف ڍنڍن ، ڍورن، تڙن ۽ مياڻين تي آباد مهاڻن جي هڪ سئو کان مٿي راجن جي چڱن مڙسن سميت سوين مهاڻن سنڌ کي انتظامي طور تي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري حڪومتي اعلان کي سنڌ جي ڪروڙين سنڌين پاران ڏنل ووٽ جي توهين سڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهو اعلان واپس وٺي سنڌ کي ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين هڪ ئي حيثيت ۾ برقرار نه رکيو ويو ته سخت مزاحمت ڪئي ويندي ان ڏس ۾ مڪلي تي ضلعي ٺٽي جي مختلف پاڻين ڪينجهر، سونڊا، ٽنڊوحافظ شاهه ، راجو ڳوٺ، سنڌو درياهه ، ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ، شاهبندر، جاتي، سجاول سميت ٻين هنڌن تي آباد مهاڻن جي هڪ سئو کان مٿي راجن جي چڱن مڙسن ۽ مهاڻن شرڪت ڪئي ، ميڙاڪي کي خطاب ڪندي فشرفوڪ فورم جي مرڪزي چيئرمين محمد علي شاهه چيو ته سنڌ پنج هزار ورهين کان وٺي هن مهل تائين تاريخي ۽ ثقافتي طور تي سنڌي قوم جو ملڪ رهيو آهي ، پر هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت گذريل 70 ورهين کان ڌارين جون لوڌون آڻي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ، هن چيو ته هڪ طرف ذوالفقار آباد جي نئين شهر جي اڏاوت ڪري اسان کان پنهنجو تاريخي سمنڊ ۽ ان تي موجود وسنديون کسيون پيون وڃن ته ٻئي طرف وري هاڻ پ پ سرڪار هڪ لساني گروهه کي خوش رکڻ لاءِ سنڌ کي انتظامي طور تي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته اهو اعلان شهيد بينظير ڀٽو سميت هزارين ڪارڪنن جي خون سان نه صرف غداري آهي پر ساڳئين وقت 5 ڪروڙ سنڌي ماڻهن جي ڏنل ووٽ جي پڻ توهين آهي هن چيو ته سنڌ جو ماڻهو هن وقت به هن ملڪ جي رياست پاران نظرانداز بڻايل آهي کين پيئڻ جي صاف پاڻي، تعليم، صحت ،توڙي بجلي جهڙيون بنيادي سهوليتون به فراهم ٿيل ناهن ان ڪري سنڌ جا 40 لک مهاڻا سنڌ کي ٽوڙي ڌار ڪرڻ وارين سازشن خلاف سموري سنڌي قوم سان گڏ ميدان تي نڪري سخت مزاحمت ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ميڙاڪي کي مسرت مانڌريو، گلاب شاهه، اميربخش جت، صابره قريشي، حبيب الله ڀنڀرو، نور محمد ٿيهمور، گل حسن ملاح ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد کي سنڌ جي ٻين ضلعن کان ڌار حيثيت ڏيڻ واري حڪومتي اعلان کي هرگزو قبول نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي جيڪڏهن حڪمران اعلان واپس نه ورتو ته اهي ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي تڪن ۾ چونڊ مهم به هلائي نه سگهندا.