سکر

سنڌ اسيمبلي ۾ برصغير ۾ سڀ کان پهريان قيام پاڪستان جي قرارداد پاس ڪري آزاديءَ لاءِ سڀ کان پهريان علم بلند ڪيو: وڪيل اڳواڻ

justice2سکر(بيورو رپورٽ)سنڌ لائرز فورم پاران سکر ۾ هڪ سيمينار بعنوان سنڌ جوڊيشري پاسٽ اينڊ پريذنٽ جو اهتمام ڪيو ويو سيمينار کي سنڌ جي سينئر ايڊووڪيٽ مقبول احمد اعوان، غلام شبير دايو، امان الله ملڪ، شمس الدين مولانا شهزادو ڊريهو سميت ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ برصغير ۾ سڀ کان پهريان قيام پاڪستان جي قرارداد پاس ڪري آزاديءَ لاءِ سڀ کان پهريان علم بلند ڪيو. ۽ هاڻي به آزاد عدليه لاءِ سنڌ خاص طور سکر هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وڪيل هاڻي به آزاد عدليه جي استحڪام لاءِ هر وقت تيار آهن ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار چوڌري جي سڄي ملڪ ۽ قوم لاءِ کنيل قدم قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽ خاص طور بئنچ ۽ بار ۾ رابطن جي اهي ڪوششون قابل تعريف آهن. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ عدالتون ماضي ۾ برصغير ۾ اعليٰ مقام رکن ٿيون. ۽ قيام پاڪستان کان پوءِ هي سنڌ جون عدالتون مثالي فيصلا ڪيا آهن. مگر ڪجهه عرصي کان هڪ مخصوص ذهنيت جي حامل جي اڪثريت جي سنڌ جي اعليٰ عدالتن ۾ فيصلن جي معيار کي سبوتاز ڪيو وڃي ٿو. جيڪو هڪ لمحه فڪر آهي. هن وقت سنڌ جي اعليٰ عدالتن ۾ ڪوٽا سسٽم کان هٽي ڪري اعليٰ عدالتن جي ججن جون تقرريون ڪيون وڃن ٿيون. ۽ ميرٽ کي به نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. ۽ هڪ مخصوص ٽولو پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي ته سنڌ ۾ ٻھراڙي جي علائقن مان معياري جج نه ملي رهيا آهن. جيڪو هڪ سنڌ جي ڳوٺاڻي علائقن جي وڪيلن سان کلي مذاق آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button