سنڌياڻي تحريڪ پاران اڄ جي ھڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ فاطمه هاليپوٽو ضلعي ٺٽي جي صدر سلمه لاشاري سڪينه ميمڻ عائشه خشڪ آمنه لاشاري اجوڪي هڙتال جي حمايت ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ سمورن فيصلن خلاف سنڌياڻي تحريڪ سنڌي عوام سان گڏ ڀرپور نموني سان احتجاجي تحريڪ هلائيندي پريس ڪلب ٺٽو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هنن چيو ته موجوده حڪمران سنڌ کي مال غنيمت سمجهي ان جو سودو ڪري رهيا آهن ۽ ڪراچي توڙي حيدرآباد دهشتگردن حوالي ڪري سنڌ سان غداري وارو عمل ورجهايو آهي هنن چيو ته ذوالفقار مرزا سياستدان هوندي به ٻاراڻي تي لهي آيو آهي کيس سنڌ جي قومپرستن خلاف اختيار ڪيل ٻولي ڏکي پوندي هنن چيوته اجوڪي ڏينهن واري هڙتال کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سنڌياڻي تحريڪ پاران ٺٽو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويندو. ان کان اڳ سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ ضلعي ٺٽي جو اهم اجلاس سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ فاطمه هاليپوٽو جي صدارت ۾ هتي ٿي گذريو جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي اعلانيل 15 ڏينهن واري جدوجهد ۽ هڙتال لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا جنهن تحت سنڌياڻي تحريڪ پاران 13 تاريخ تي ٺٽي شهر ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.