ڪراچي

سرفراز شاهه کي قتل ڪندڙ رينجرز اهلڪار کي موت ۽ ٻين 6 ڄڻن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

Sarfiraz Shah
سرفراز شاھ جي زندگي جي تصوير
ڪراچي: دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت نمبر1 جي جج بشير احمد کوسو رينجرز اهلڪارن جي فائرنگ ۾ قتل ڪيل نوجوان سرفراز شاهه جي قتل جو الزام ثابت ٿيڻ تي رينجزر اهلڪار شاهد ظفر کي ڦاهي جي سزا، جڏهن ته رينجرز جي ئي ٻين اهلڪارن سب انسپيڪٽر بهاءُ الرحمان، لياقت علي، محمد افضل، محمد طارق، منٺار علي ۽ شهري افسر خان کي جنم ٽيپ ۽ ٻه ٻه لک رپين جي ڏنڊ جي سزا ڏني آهي. عدالت جوابدارن کي قتل ٿيل نوجوان سرفراز شاهه جي وارثن کي هڪ هڪ لک رپيا ڏيڻ جي به سزا ٻڌائي آهي، ڏنڊ جا پئسا نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدارن ي وڌيڪ 6-6 مهينا ٽيپ ڀوڳڻي پوندي. ڪاله عدالت جوابدارن جي موجودگي ۾ فيصلو ٻڌايو. سيشن جج بشير احمد کوسو ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو. جوابدارن خلاف پيش ڪيل چالان ۾ 46 شاهدن جا نالا داخل ڪيا ويا هئا، جن مان 20 جون شاهديون رڪارڊ ڪيون ويون. قلم 342 تحت جوابدارن جو ٻيهر بيان ورتو ويو ۽ انهن کي دفاع ۾ پنهنجا شاهد پيش ڪرڻ جي موڪل پڻ ڏني وئي هئي. جوابدارن دفاع ۾ عالم زيب نالي هڪ همراهه ۽ رينجرز جي هڪ آفيسر سوڌو ڇيپا ايمبولينس سروس جي ڊرائيور کي شاهد طور پيش ڪيو هو. جوابدارن خلاف 27 جون 2011ع تي چالان پيش ڪيو ويو هو ۽ 4 جولاءِ کان 27 جولاءِ تائين جي شنوائين ۾ 20 شاهد پيش ٿيا. اهڙي ريت ان ڪيس جي ڪارروائي 30 ڏينهن جاري رهي. چيف جسٽس آف پاڪستان 30 ڏينهن اندر ڪيس اڪلائڻ جي هدايت ڪئي هئي بعد ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي درخواست تي ڪيس اڪلائڻ جي مدي ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪئي. فريادي ڌر موجب جوابدارن 8 جون 2011ع تي بوٽ بيسن ٿاڻي جي حد ۾ واقع بينظير سهيد پارڪ ۾ بي هٿيار نوجوان سرفراز شاهه کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو. جوابدارن خلاف بوٽ بيسن ٿاڻي تي پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 34/302 ۽ دهشتگردي جي انت واري ايڪٽ 1994 جي قلم 7 تحت ايف آءِ آر (نمبر 227-2011) داخل ڪئي وئي هئي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ان واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ويسٽ سلطان خواجا کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو هو.واضع رهي ته هي ڪيس ٻه ڀيرا دهشتگرديءَ جي انت آڻڻ وراي عدالت مان منتقل ڪرائڻ لاءِ جوابدارن طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي پر عدالت اهي درخواستون رد ڪري ڇڏيون هيون ۽ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، جيڪو گذري ڏينهن ٻڌايو ويو، عدالت ۾ ڊي آءِ جي سلطان خواجه سميت 20 شاهدن بيان رڪارڊ ڪرايا، جوابدارن جي وڪيل چيو ته رينجرز اهلڪار ڊيوٽي تي هئا، سرفراز شاهه ڦر جي الزام ۾ گرفتار ٿيو، سرفراز شاهه کي گولي لڳي پر معاملا معمول موجب هلندا رهيا، ان ڪري ان معاملي کي دهشتگردي نٿو چئي سگهجي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پراسيڪيوٽر چيو ته سرفراز شاهه قتل سان رينجرز جو ڪو به تعلق نه هو، قتل اهلڪارن جو ذاتي فعل هو. صفائي واري وڪيل چيو ته فيصلو مڃون ٿا جوابدارن کي اپيل جو حق آهي، فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين. فيصلي کان پوءِ قتل ٿيل سرفراز شاهه جي ڀاءُ سالڪ شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هو ان فيصلي مان مطمئن آهن ۽ عدالت جا پڻ شڪر گذار آهن. هن چيو ته اڄ خوشي ٿي آهي ته جوابدار کي موت جي سزا ملي آهي ۽ اميد آهي ته مٿين عدالت پڻ ان فيصلي کي برقرار رکندي. هن چيو ته منهنجي ڀاءُ کي بيگناهه قتل ڪيو ويو ۽ ڪيس دوران اسان کي ذهني طور دٻاءَ ۾ رکيو ويو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button