اسلام آباد

سرائيڪي بيلٽ کي پاڻي فراهمي لاءِ چشما جهلم لنڪ ڪئنال کوليو آهي، ارسا سنڌ جو اعتراض رد ڪري ڇڏيو

اChashm Jahlam Linkسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ارسا پاڻي کوٽ ۽ چشما جهلم لنڪ بند ڪرڻ لاءِ سنڌ جي موقف کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڻي جي ڪا کوٽ ناهي، سرائيڪي بيلٽ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ چشما جهلم لنڪ ڪئنال وهايو پيو وڃي. انهي حوالي سان ڪالهه ارسا جي چئرمين رائو ارشاد سنڌ جي چشما جهلم ۽ تونسا پجند لنڪ ڪئنالن تي واريل اعتراضن بابت لکت ۾ جواب ڏنو آهي جنهن ۾ هن سنڌ جي عتراضن کي رد ڪندي چيو آهي سنڌ سميت ملڪ اندر پاڻي جي ڪا کوٽ ناهي، سنڌ کي پيرا ٽو تحت ملندڙ حصي کان هن وقت ٽي سيڪڙو پاڻي وڌيڪ پاڻي ملي رهيو آهي، سنڌ کي پيرا ٽو تحت حصو هڪ لک 37 هزار ڪيوسڪ پاڻي ٺهي ٿو پر هن وقت سنڌ کي هڪ لک 45 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي جاري آهي، پنجاب کي هڪ لک 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي جاري آهي انهي ۾ ڪا واڌ ناهي ٿي، چشما جهلم لنڪ ڪئنال پنجاب جي جائز حصي مان وهي رهيا آهن، هن چيو آهي ته منگلا ڊيم ۾ 22 هزار ڪيوسڪ ۽ تربيلا ۾ روزاني اٺ هزار ڪيوسڪ پاڻي گڏ ڪيو پيو وڃي،انهي جي ڪري اهو بلڪل غلط آهي ته ملڪ اندر پاڻي جي کوٽ آهي، اسان اپريل ۾ سنڌ کي ويهن ڏينهن جي لاءِ منگلا زون مان پاڻي ڏنو هو،هن اهو چيو ته جئين ته پنجاب جي سرائيڪي بيلٽ کي هن وقت پاڻي جي تحت ضرورت آهي انهي جي ڪري چشما جهلم لنڪ ڪئنال توڙي تونسا پنجنند مان انهن کي پاڻي جي فراهمي جاري آهي جيڪڏهن کين منگلا زون مان پاڻي ڏنو ٿو وڃي ته لاسز وڌيڪ ٿين ٿا انهي جي ڪري کين سنڌو مان پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۾ پاڻي اٺ هزار ڪيوسڪ مان گھٽائي ڇهه هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي. سنڌ پنهنجي خط ۾ لکيو هو ته ايندڙ 18 کان 20 ڏينهن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ٿيندي، انهي کي پنجاب کي جاري ٿيڻ اضافي 13 هزار ڪيوسڪ تربيلا ۾ ئي جمع ڪيو وڃي. پاڪستان جي پاڻي جي مجموعي ذخيرن ۾ 8.046 ملين ايڪڙ فٽ جو اضافو ٿيو آهي ڇو ته تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح ڊيڊ ليول کان 11.5 فٽ وڌي وئي آهي جڏهن ته منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح ڊيڊ ليول کان 156 فٽ وڌيڪ آهي. هڪ خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽ مطابق ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪندڙ ڊويزن ڄاڻايو آهي ته تربيلا ڊيم ۾ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 3.672 ملين ايڪڙ فٽ جڏهن ته منگلا ڊيم ۾ پاڻي جو ذخيرو 4.256 ايڪڙ فٽ ريڪارڊ ڪيو ويو.تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1493.38 فٽ ريڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ان ۾ پاڻي جي رسد هڪ لک 72 هزار 900 ۽ هيٺاهون وهڪرو هڪ لک 50 هزار ڪيوسڪ رهيو. منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1196.85 فٽ رهي، ان جو مٿاهون وهڪرو 23 هزار 9 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار ڪيوسڪ ريڪارڊ ٿيو. هوڏانهن چشما بئراج ۾ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 118.000 ايڪڙ فٽ ، مٿاهون وهڪرو هڪ لک 89 هزار 814 ۽ هيٺاهون وهڪرو هڪ لک 78 هزار ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. چناب ندي ۾ مرالا وٽ پاڻي جي رسد 58 هزار 503 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 24 هزار 720 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button