ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت لاءِ شروعات سروي جو ڪم باقاعده شروع ٿي ويو
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي ٺٽي جي ساحلي علائقن ۾ جديد طرز تي اعلانيل ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت لاءِ شروعات سروي جو ڪم باقاعده شروع ٿي ويو آهي جنهن تحت ذوالفقار آباد ڊيولپمينٽ اٿارٽي پاران مقرر ڪيل ڪنسلٽنٽس جي خصوصي ٽيم ٺٽي پهچي ويئي جنهن روينيو کاتي جي مختيارڪارن ۽ تپيدارن جي مدد سان شاهبندر ، جاتي، ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ جي ساحلي علائقن ۾ ذوالفقار آباد شهر لاءِ مخصوص ڪيل 3 لک 28 هزار زمين ايراضي جي حدبندي واضح ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي ۽ فيلڊ ۾ ٽيم پهچي حد نشان واضح ڪري انهن تي نشان لڳايا پيا وڃن. ضلعي ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر محمد جعفر عباسي پاران ذوالفقار آباد شهر لاءِ بنيادي سروي جي ڪم جي مانيٽرنگ لاءِ ڊي او روينيو ٺٽو آغا شاهنواز کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي ۽ سروي ٽيمن کي 15 سيپٽمبر تائين نقشن جي مدد سان سروي جو ڪم مڪمل ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته سروي جو ڪم مڪمل ٿيڻ بعد ايندڙ سيپٽمبر جي مهيني ۾ صدر آصف علي زرداري کاروڇاڻ پهچي ذوالفقار آباد ايڪپريس وي جو افتتاح ڪندو .