ٺٽو

داٻيجي ٿاڻي جي وڏي منشي خلاف زوري زنه ۽ ڌمڪين جو ڪيس داخل. گرفتاري عمل ۾ نه آئي

sindh policeٺٽو(سجاد علي ميمڻ) عدالتي حڪم تي داٻيجي ٿاڻي جي وڏي منشي خلاف زوري زنه ۽ ڌمڪين جو ڪيس داخل. گرفتاري عمل ۾ نه آئي. فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو جي حڪم تي داٻيجي پوليس داٻيجي جي رهواسڻ هڪ عورت مسمات ثمينه بيبي زال وزير احمد سولنگي سان زوري زنا ۽ ڌمڪين جو ڪيس قلم 376، 342، 506 پ پ سي تحت داٻيجي ٿاڻي جي وڏي منشي عالم خان خلاف داخل ڪري ڇڏيو آهي پر جوابدار نامزد ڪيل وڏي منشي جي گرفتاري اڃان تائين عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. عدالتي حڪم تي داٻيجي ٿاڻي تي داخل ڪيل فرياد ۾ عورت ثمينه بي بي جاڻايو آهي ته وڏو منشي عالم خان نشي جي حالت ۾ سندس ٽن ساٿين جي مدد سان گهر مان زبردستي گاڏي ۾ زوري کڻي پوليس جي رهائشي ڪوارٽر ۾ وٺي وڃي ساڻس زوري زيادتي ڪئي ۽ ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button