اسلام آباد

حڪومت پاران ڪراچي ۾ آپريشن نه ڪرڻ جو فيصلو، مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻ لاءِ ڳالهين ۽ انتظامي قدمن جا اختيار صدر حوالي

karachi search226اسلام آباد: ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ انتظامي ۽ قانوني قدم کڻڻ سان گڏ سمورين ايم ڪيو ايم سميت ٻين پارٽين سان مفاهمتي پاليسي تحت ڳالهيون ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اتحادي پارٽين صدر آصف کي اختيار ڏئي ڇڏيا، آپريشن نه ڪرڻ جو فيصلو ڪالهه ايوان صدر ۾ ڪراچي جي صورتحال بابت ايوان صدر ۾ لڳاتار 3 گڏجاڻيون ٿيون، پهرئين گڏجاڻي سنڌ ڪابينا جي ٿي جنهن ۾ پ پ پ، اي اين پي، مسلم ليگ ق ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي وزيرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني گڏيل طور ان جي صدارت ڪئي، ان گڏجاڻي ۾ ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ صدر آصف کي اختيار ڏنا ويا ته هو سياسي ڌرين سان ڳالهيون ڪري، ان گڏجاڻي ۾ اهو به طئه ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ هر قيمت تي امن امان برقرار رکيو ويندو ۽ ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، گڏجاڻي 2 ڪلاڪن تائين جاري رهي. جنهن ۾ گهرو وزير رحمان ملڪ، وفاقي وزير مخدوم امين فهيم، سينيٽر ڊاڪٽر بابر اعواڻ، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ اتحادي پارٽي جي وزيرن به شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کانسواءِ مختلف وزارتن جي ڪارڪردگي جو پڻ جائزو ورتو ويو ان موقعي تي صدر آصف سمورين سياسي ڌرين تي زور ڀريو ته ڪراچي ۾ امن امان جي سلسلي ۾ حڪومت جي ڪوشش جو ساٿ ڏين. صدر چيو ته قومي معاملن تي ملڪ جي سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ واري پاليسي تي يقين رکون ٿا ۽ جيڪي به فيصلا ڪيا ويندا انهن ۾ سڀني ڌرين کي شامل ڪيو ويندو، صدر چيو ته ڪراچي نه صرف هن ملڪ جو معاشي حب آهي پر اهو شهر سماجي ۽ معاشي استحڪام لاءِ به اهم آهي ۽ ان جي هڪ عالمي حيثيت به آهي، صدر ڪراچي ۾ امن امان آڻڻ لاءِ انتظامي اپاءُ وٺڻ سان گڏ سياسي اپاءَ وٺڻ جي به هدايت ڪئي، اتحادي ڌرين کي خطاب ڪندي صدر آصف چيو ته اسان کي ڪراچي جو مسئلو جلد ۽ پاڻ حل ڪرڻو پوندو، ان موقعي تي اتحادي پارٽين جي ميمبرن پڻ مشورا ڏنا، جڏهن ته سنڌ جي گهرو وزير منظور وساڻ ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني ۽ امن لاءِ ورتل اپائن بابت ٻڌايو، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته پوليس ۽ رينجرز ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، صدر آصف چيو ته ڪراچي جو معاملو انتهائي اهم آهي، ان ڪري ان تي بحث لاءِ رمضان جي مهيني ۾ به قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏايو ويو آهي، گڏجاڻي ۾ ڪراچي ۾ مارجي ويلن جي فاتحه پڻ پڙهي وئي، جڏهن ته ٻي گڏجاڻي ۾ صرف پ پ سان لاڳاپيل وزيرن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ کانسواءِ مختلف وزيرن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، صدر پڇا ڪئي ته هن گذريل سنڌ جي دوري دوران پوليس کي فنڊ ڏيڻ لاءِ جيڪا هدايت ڪئي هئي ان تي ڪيترو عمل ڪيو ويو آهي، جنهن تي سنڌ جي ناڻي واري وزير ٻڌايو ته سنڌ پوليس کي مضبوط بنائڻ لاءِ 450 ملين روپيا جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته صدر چيو ته 5 ارب روپين واري پيڪيج تحت رهيل رقم به جلد جاري ڪئي وڃي ته جيئن پوليس گاڏيون خريد ڪري سگهي، جڏهن ته ٽين گڏجاڻي ۾ ڪراچي جي صورتحال کي سياسي طور حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ آپريشن نه ڪرڻ جو چيو ويو، اها گڏجاڻي صدر جي صدارت هيٺ ٿي جنهن ۾ مخدوم امين فهيم، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، بابر اعواڻ، منظور وساڻ، سيد مراد علي شاهه، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، اياز سومرو، ڄام سيف الله ڌاريجو، آغا سراج دراني ۽ صدر جي ترجمان شرڪت ڪئي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button