ڪراچي

حڪومت جي چوڻ تي هٿيارن جا لائسنس جمع ڪرايا ته قتل ڪرايو ويندو:نبيل گبول

Nabeel Gaboolڪراچي: پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نبيل گبول چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت جي چوڻ تي مون هٿيارن جا لائسنس جمع ڪرايا ته مون کي قتل ڪيو ويندو، جيڪي رينجرز جون 14-14 گاڏيون ساڻ ڪري هلن ٿا، انهن کي سيڪيورٽي جي ڪا به پرواهه ناهي، پر منهنجي گهر ۾ سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيل آخري پوليس اهلڪار به واپس گهرايو ويو آهي، هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته منافقت، مجبوري ۽ مفاهمت سڀ ”م“ سان شروع ٿينديون آهن، رڳو گڏجاڻيون ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، ڪراچي ۾ ايڪشن کنيو وڃي ته وڏا مطالبا ڪندڙ سڌي رستي تي اچي ويندا، نبيل گبول چيو ته ڪراچي ۾ هاڻي مڪمل طور تي انارڪي پکڙجي چڪي آهي، پارٽي جا ماڻهو پاڻ ئي ويهي زمينن تي قبضا ڪرائيندا آهن. ڪو به شخص رضاڪاراڻي طور تي پنهنجي هٿيارن جا لائسنس جمع نه ڪرائيندو، مون کي خبر آهي ته جيڪڏهن حڪومت جي چوڻ تي مون هٿيارن جا لائسنس جمع ڪرايا ته مون کي قتل ڪرايو ويندو، جنهن لاءِ آئون ٽاپ لسٽ تي آهيان، ڪراچي ۾ هر ٻار کي خبر آهي ته دهشتگرد ڪٿي آهن، نبيل گبول چيو ته مون وزيراعظم ۽ گهرو وزير کان ملڻ لاءِ وقت گهريو، پر نه ڏنو ويو. گهرو وزير گهڻو سمهندو آهي، ان ڪري کيس گهڻا خواب اچن ٿا. ڪراچي ۾ ايس ايڇ اوز صبح ٿيندي ئي ڏوهارين کي سلامي پيش ڪرڻ لاءِ ويندا آهن
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button