حڪمرانن ساڍن ٽن سالن ۾ ڪرائيم ڪرپشن ۽ نااهليءَ جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن: خان محمد ڀيو
سکر(بيورورپورٽ) جيئي سنڌ محاذ سکر ڊويزن جو اجلاس پارٽيءَ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري خان محمد ڀيو جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پارٽيءَ جي تنظيمي ۽ سنڌ ۽ علائقائي سياسي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي خان محمد ڀيو خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن ساڍن ٽن سالن ۾ ڪرائيم ڪرپشن ۽ نااهليءَ جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. هڪ طرف مفاهمت جي نالي ۾ سنڌ جي دولت ۽ وسيلن کي حصا پتيون ڪري لٽي رهيا آهن ته ٻي طرف پنهنجن کسيس مفادن خاطر ۽ اقتدار جي حواس ۾ سنڌ جي قومي وحدت کي خطري ۾ وجهي سنڌ جي غيرت جو سودو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته گزريل سان هٿرادو ٻوڏ آڻي سنڌ جي ٻه ڪروڙ ماڻهن کي دربدر ڪري روڊن تي ويهاريو ويو حڪمران ٻوڏ متاثرن جي سهائتا بجاءِ بيروني امداد، اين جي اوز طرفان ڏنل رقمن کي ڦٻائڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا. هن وڌيڪ چيو ته تازو برساتن سبب ڏکڻ سنڌ جا 8 ضلع سخت متاثر ٿيا آهن. 0 5 لک ماڻهو پنهنجن اجهن کان محروم ٿي دربدري جي زندگي گهاري رهيا آهن. 0 9 سيڪڙو فصل تباهه ٿي ويو آهي. ۽ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضائع ٿي ويون آهن پر حڪمرانن طرفان چند ڪروڙن جو اعلان ڪرڻ ۽ اهو چوڻ ته حڪومت سمورن متاثرن تائين ڪو نه ٿي پهچي سگهي. اهو ثابت ٿو ڪري ته حڪمران انتهائي نااهل آهن.