خيرپور

حضرت سچل سرمست رح جي سالياني جي عرس جي موقعي تي خيرپور ۾ موڪل جو اعلان

hazrat sachal sarmastخيرپور : آگسٽ 15، 2011 کان شروع ٿيندڙ حضرت سچل سرمست رح جي سالياني 190 هين عرس مبار ڪ جي موقعي تي ضلعي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ هڪ حُڪم نامي ذريعي آگسٽ 15، 2011 بمطابق 14 رمضان المبارڪ 1432 هه تي سڄي ضلعي اندر موڪل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته عرس جي تقريبن جو افتتاح سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه حضرت عبدالوهاب سچل سرمست رح جي مزار تي چادر چاڙهي ڪندو ۽ ان موقعي تي صوبائي وزير اوقاف ڊاڪٽر محمد رفيق ٻانڀڻ، صوبائي گهرو وزير منظور حسين وساڻ، صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو، ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني، ايم اين اي نواب خان وساڻ، ايم اين اي پير سيد فضل علي شاهه جيلاني، ايم پي اي نعيم احمد کرل، ايم پي اي پير سيد محمد بچل شاهه، ايم پي اي پيرسيد پيار علي شاهه، وڏي وزير جو پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو ۽ ٻيون سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون حضرت سچل سرمست جي سالياني عرس جي مختلف تقريبن جا مهمانِ خاص هوندا. جڏهن عرس جي موقعي تي پهرين ڏينهن آگسٽ 15 تي سچل سرمست جي مزار تي چادر چاڙهڻ جي رسم کانپوءِ محفلِ سماع، سچل جي ايوارڊن ورهائڻ واري تقريب، سُگهڙ ڪانفرنس، ملاکڙو، چوپائي مال جي نمائش ( هارس اينڊ ڪيٽل شو) ، محفلِ موسيقي ( سچل جو ڪلام) جڏهن ته ٻئي ڏينهن آگسٽ 16 تي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي سچل سيمينار ۽ سچل جو مشاعرو منعقد ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button