اسلام آباد

جي ايڇ ڪيو تي حملي ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي موت، 4 کي عمر قيد ۽ ٻن کي 7،7 سال سزا

Dr Usmanراولپنڊي : فوجي عدالت راولپنڊي ۾ جي ايڇ ڪيو تي حملي ۾ ملوث مک جوابدار کي ڦاهي، چئن کي عمر قيد ۽ ٻن جوابدارن کي 7-7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ذريعن موجب 10 آڪٽوبر 2009ع ۾ جي ايڇ ڪيو تي ٿيل حملي جي ڪيس جو فيصلو فيلڊ ڪورٽ مارشل ٻڌايو، فوجي عدالت مک جوابدار ڊاڪٽر عثمان سميت 7 جوابدارن جو ٽرائيل شروع ڪيو هو، فوجي عدالت ٻن فوجي اهلڪارن ۽ 5 سويلين جوابدارن کي سزا ٻڌائي آهي. سپاهي عقيل عرف عثمان کي موت ۽ سندس ساٿي عمران صادق کي عمر قيد جي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. فوجي عدالت جي فيصلي موجب سپاهي عقيل عرف ڊاڪٽر عثمان کي 2 لک ۽ هڪ ٻئي جوابدار عمران صادق کي هڪ لک روپيا ڏنڊ به ڀرڻو پوندو. 5 سويلين مان ٽن جوابدارن خالق رحمان، محمد عثمان، واجد علي کي عمر قيد، جڏهن ته محمد عدنان ۽ طاهر شفيق کي 10 ۽ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. واضح رهي ته جي ايڇ ڪيو تي حملي ۾ 10 کان وڌيڪ فوجي اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا. جڏهن ته 10 ڄڻن مان 9 حملي آور مارجي ويا هئا، جن ۾ شامل ڊاڪٽر عثمان کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button