ڪراچي

جيو ٽي وي سنڌ ورهائڻ بابت پروگرام هلائڻ تي سنڌي قوم کان معافي وٺي ڇڏي

GEOملير: ٽي وي چينل جيو سنڌ کي ٻن صوبن ۾ ورهائڻ بابت هلايل پروگرام تي معافي ورتي آهي، سنڌي ماڻهن جي سخت ردعمل کانپوءِ جيو ٽي وي جي گروپ ليڊر علي مجتبيٰ، سينئر صحافي نذير لغاري، خورشيد عباسي، اظهر عباس، عباس ڀنڀرو سان گڏجي جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي گلشن حديد واري رهائشگاهه تي پهچي پنهنجي هلايل پروگرام تي معذرت ڪندي سنڌي قوم جي دل آزادي ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو، جيو گروپ جي صحافين جسقم چيئرمين بشير قريشي کي چيو ته جيو تي هلايل پروگرام اٻهرائپ ۾ هليو آهي، اسان کي ان تي افسوس آهي ۽ اسان سنڌي قوم کان معافي ٿا وٺون، ڇو ته سنڌي قوم جي تاريخي حيثيت آهي، ان موقعي تي جسقم چيئرمين بشير قريشي چيو ته اهڙي پروگرام تي سنڌي ماڻهن جو ردعمل سڀني ڏٺو ۽ هاڻي به اسان اهو واضح ڪريون ٿا ته سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙ سنڌ جا غدار آهن ۽ اهڙن غدارن کي سنڌ ۾ ڪٿي به رهڻ جو حق نه آهي، جيو گروپ وارن جي معذرت سنڌ جي روايت کي نظر ۾ رکندي قبول ڪريون ٿا ۽ کين واضح ڪريون ٿا ته هو سنڌ جي وحدانيت جي خلاف ڪا به ڳالهه نه ڪن.
مانيٽرنگ نيوز ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button