ٺٽو

جشن آزادي جي موقعي تي مشهور پهلوان ميرمحمد ۽ سندس ساٿين ڏندن ۽ وارن سان گاڏيون ڇڪي ۽ وزني پٿر چيل سان ٻڏي جواني جا جوهر ڏيکاريا

Jashan Azadiٺٽو(سجاد علي ميمڻ) جشن آزادي جي موقعي تي مڪلي پوليس لائين گرائونڊ تي هڪ تقريب منعقد ڪئي ويئي جنهن ۾ ٺٽي جي ڊي سي او محمد جعفر عباسي پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائي تقريب جو افتتاح ڪيو، جڏهن ته (اج) ضلعي جي سمورن اسڪولن ۾ موڪل جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي اسڪولي ٻارڙن ۽ ٻارڙين پاران ٽيبلوز پيش ڪيا ويا ۽ تقريرون ڪرايون ويون جڏهن ته سنڌ جي مشهور پهلوان ميرمحمد ۽ سندس ساٿين ڏندن ۽ وارن سان گاڏيون ڇڪي ۽ وزني پٿر چيل سان ٻڏي جواني جا جوهر ڏيکاريا. ان موقعي تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ٺٽي جي ڊي سي او محمد جعفر عباسي چيو ته آزادي وڏي نعمت آهي ۽ اسان خوش نصيب آهيون جو اسان جي وڏن جي قربانين سبب اج اسين آزاد ملڪ جا رهواسي آهيون ۽ پنهنجي خودمختياري سان زندگي گذاري رهيا آهيون، هن چيو ته شاگرد هن ملڪ جو وارث آهي تنهڪري کين بهتر تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ سندن حوصلا افزائي ڪئي ويئي ته هو ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندا. ان موقعي تي ڊي سي او محمد جعفر عباسي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ پهلوانن شاگردن شاگردياڻين ۾ انعام ۽ شيلڊون تقسيم ڪيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button