ٺٽو

اين سي ايڇ ڊي استادن ۽ ايس ڊي ايس ايس پي جي 15 سئو استادن کي مئي 2010 ع تائين جون سموريون پگهارون فوري طور ادا ڪيون وڃن : ڪورٽ

NCHDٺٽو(سجاد علي ميمڻ) سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بيچ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران ٺٽي ضلعي جي اين سي ايڇ ڊي ۽ ايس ڊي ايس ايس پي پروگرام تحت مقرر ڪيل استادن کي پگهارن جي ادائگي واري معاملي تي ڏنل اپيل واري درخواست مدو پورو هجڻ ڪري رد ڪري ڇڏي آهي ۽ تعليم کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل کي يقيني بنايو وڃي، ان سلسلي ۾ ٺٽي ضلعي جي فيڊر اسڪولن جي استادن جي حق ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڏنل فيصلي خلاف سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران سپريم ڪورٽ ۾ هڪ درخواست دائر ڪئي ويئي هئي جنهن جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بيچ جسٽس غلام رباني ۽ جسٽس انور ظهير جمالي سرڪار جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ واضح طور فيصلو ڏنو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي وڏو عرصو گذري چڪو آهي ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل جو مدو ختم ٿي چڪو آهي جنهن جي آدار تي اهڙي اپيل کي رد ڪجي ٿو سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بيچ سرڪار کي حڪم ڏنو ته ٺٽي ضلعي جي فيڊر اسڪولن جي اين سي ايڇ ڊي استادن ۽ ايس ڊي ايس ايس پي جي 15 سئو استادن کي مئي 2010 ع تائين جون سموريون پگهارون فوري طور ادا ڪيون وڃن واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳ ۾ ئي اهو حڪم جاري ڪري چڪي هئي ته ضلعي حڪومت پاران مقرر ڪيل 1120 فيڊر اسڪول ٽِيچرس ۽ 300 کان مٿي ايس ڊي ايس ايس پي ٽيچرس کي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جي فند مان مئي 2010 ع تائين پگهارن جي ادائگي ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button