ٺٽو

ايس ايس پي ٺٽو فداحسين مستوئي جي بدلي فوري روڪي وڃي: شھري

Thattaٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي جي سڄاڻ ڌرين ايس ايس پي ٺٽو فداحسين مستوئي جي بدلي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سندس بدلي روڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ، جڏهن ته ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي سنڌ حڪومت سان رابطو ڪري ايس ايس پي فداحسين مستوئي کي واپس ٺٽي ۾ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ٺٽي مان بدلي ٿيل ايس ايس پي فداحسين مستوئي جي مان ۾ پوليس لائين مڪلي ۾ٿيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي واپاري ايسوسيئشن ٺٽو جي اڳواڻ شهزاد هاشماڻي، انساني حقن واري تنظيم جي اڳواڻ نظير جاکرو، سماجي اڳواڻ رشيد جاکرو ۽ ٻين چيو ته فداحسين مستوئي ضلعي ٺٽي اندر پنجن مهينن دوران ڏوهن ته ڪنٽرول ڪري امن امان جي صورتحال کي بهتر بنائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ سندس دور ۾ ڪنهن اغوا ۽ وڏي ڏوهه جي واردات نه ٿي هنن چيو ته ايس ايس پي فداحسين مستوئي ضلعي جي سمورن فردن سان گڏجي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بنائڻ ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪئي تنهنڪري سندس هتان تڪڙي بدلي هتان جي عوام کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سندس بدلي فوري روڪي وڃي ان موقعي تي تقريب کي ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي خطاب ڪندي چيو ته ايس ايس پي فداحسين مستوئي جو دور امن ۽ سڪون وارو رهيو آهي هن ضلعي جي سمورن آفيسرن سان لهوچڙ ۾ اچي امن امان جي صورتحال کي بهتر بنائڻ ۾ هر وقت پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هن وڌيڪ چيو ته هو گهرو کاتي جي وزير ۽ سنڌ حڪومت کي هڪ ضلعي آفيسر جي حيثيت ۾ سفارش ڪندو ته کيس ٺٽي ضلعي جي عوام جي خدمت ڪرڻ جو وڌيڪ موقعي ڏنو وڃي.. آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي بدلي ٿيل ايس ايس پي فداحسين مستوئي چيو ته هن جي صدائين اها خواهش رهي آهي ته هو جتي رهي اتي عوام جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ پيدا ڪري هن چيو ته هو جتي به رهيو آهي امن امان جي کي پهرين ترجيحي ڏني آهي. هن چيو ته بدلي آفيسرن جو ڏاج آهي تنهنڪري جتي به ويندس اتي امن امان جي صورتحال کي بهتر بنائڻ ۽ عوام جي خدمت کي يقيني بنائڻ پنهنجو فرض سمجهندس هن وڌيڪ چيو ته هتان جي ضلعي جي ماڻهن وڏيون محبتون ڏنيون آهن جيڪي هميشه ياد رهنديون منهنجي لاءِ اها وڏي ڪاميابي آهي ته منهنجي ٿورري عرصي ۾ ضلعي اندر امن امان جي صورتحال برقرار رهي ۽ عوام سڪون سان زندگي گذاري.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button