مختصر خبرون

ايران کان سکر اسمگنل ٿيندڙ ڊيزل جا 9 ٽينڪر برآمد ڪري ڊرائيور ۽ ڪلينر کي گرفتار ڪيو ويو: اي ڊي آءِ جي سکر

سکر(بيورورپورٽ)اي ڊي آءِ جي سکر ۽ اسپيشل ٽيم جي ميمبر منظور حسين سانگريءَ چيو آهي ته ڊي آءِ جي سکر جي خصوصي هدايتن جي مطابق ايران ۽ بلوچستان کان سکر ۾ ٿيندڙ اسمگلنگ جي روڪڻ لاءِ ڇاپا مار ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن. جنهن ۾ ڪپڙا مارڪيٽ ۾ قائم غير قانوني پان پراگ وڪرو ڪندڙ دڪاندار خلاف ڪارروائي ڪري چاليهه ٻوريا پان پراگ جا برآمد ڪري بي سيڪشن ٿاڻي حوالي ڪيا ويا هئا. پر متعلقه ٿاڻي پاران ڪيس داخل نه ڪيو ويو هو. منظور سانگريءَ وڌيڪ چيو ته گذريل هفتي ايران کان سکر اسمگنل ٿيندڙ ڊيزل جا 9 ٽينڪر برآمد ڪري ڊرائيور ۽ ڪلينر کي گرفتار ڪيو ويو
هو مگر آباد ٿاڻي جي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان بغير آئل ٽينڪر ۽ گرفتار ماڻهو کي لين دين کان پوءِ ڇڏي ڏنو. هن چيو ته سکر سان تعلق رکندڙ هڪ مقامي بااثر شخص جي پيٽرول پمپ جي ڇاپي دوران اسمنگل شده 2 1 هزار ليٽر ڊيزل قبضي ۾ ورتو ويو جنهن بعد بااثر شخص پاران پڪڙي ڊيزل جي رقم ادا ڪري پنهنجي ڇڏائي ورتي هئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button