خيرپور

انجنيئر سيپڪو خيرپور خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل

wapdagridخيرپور ( رپورٽ: اعجاز جکڙ) انجنيئر سيپڪو خيرپور خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل نوٽيس جاري خبر موجب ناليواري سماج سڌارڪ مشهور ٺيڪيدار جلال لاکي جي گهر واري ارشاد بيگم لاکو انجنيئر سيپڪو خيرپور راجا عزيز رڏ ٻن لائين سپريڊنٽ رفيق ڦلپوٽو رحيم بخش شيخ ميٽر ريڊر شاهه زمان منگي ۽ ٻين ٽن نا معلوم ماڻهن مٿان خيرپور جي عدالت ۾ ناليواري قانوندان عطا حسين چانڊيو معرفت ڪيس داخل ڪرايو آهي ته جوابدار گهر ۾ گهري بيگناهه تشدد ڪيو ٻارڙن کي حراسا ڪيو عدالت سمورن کي 8 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي اهڙو نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button