انتهائي افسوس جو مقام آهي ته هڪ پاسي حڪومت عوام کي رمضان المبارڪ ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون سستي اگهن ۾ فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي پيٽرول، گئس ۽ بجلي جي ريٽن ۾ اضافو ڪري رھي آھي
سکر(بيورورپورٽ)سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ حڪومت پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي تي گهري تشويش جو اظهار ڪندي ان کي عوام جي لاءِ حڪومت پاران رمضان المبارڪ جو تحفو قرار ڏنو آهي. پنهنجي دفتر ۾ حاجي شفيع عباسي، ذاڪر ٻنڌاڻي، غلام شبير ڀٽو، برڪت سولنگي، عبدالستار راجپوت، رحيم سيٺي ۽ ٻين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي حاجي محمد جاويد ميمڻ جو چوڻ هو ته انتهائي افسوس جو مقام آهي ته هڪ پاسي حڪومت عوام کي رمضان المبارڪ ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون سستي اگهن ۾ فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي پيٽرول، گئس ۽ بجلي جي ريٽن ۾ اضافو ڪري حڪمرانن اهو ثابت ڪيو آهي ته انهن کي عوامي مسائلن سان ڪا به دلچسپي ناهي. وڌندڙ مهگانگائي، بيروزگاري جي دور ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو سڌو سنئون غريب عوام کي متاثر ڪندو ۽ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ شهري فاقه ڪٽڻ تي مجبور ٿي ويندا. جنهن جي تمام تر ذميواري حڪمرانن تي عائد ٿئي ٿي. حڪومت هنگامي بنيادن تي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي حاليه قيمتن ۾ اضاو واپس وٺي واپارين ۽ شهرين ۾ ڦهليل بي چيني جو خاتمو ڪري. حاجي محمد جاويد ميمڻ جو چوڻ هو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري ڪراچي کان خيبر ۽ سنڌ جي وچ ۾ سامان کڻي ايندڙ ۽ کڻي ويندڙ مال برادار ۽ مسافر گاڏين جي ڪراين ۾ اضاو ٿيندو. هن جو چوڻ هو هو اهڙي قسم جي اقدام سان تجارتي ۽ صنعتي سرگرمين تي انتهائي منفي اثر مرتب ٿيندا ۽ بيرواگاري جو طوفان اٿندو.