ٺٽو

امدادي سرگرميون ڪندڙ اين جي اوز جي ڪارڪردگي تي سخت ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جو اظھار

Badin rain3ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي جي چونڊيل نمائندن صوبائي وزير۽ ضلعي انتظاميا ٻوڏ متاثر علائقن توڙي تازو برساتن کانپوءِ سم نالن جي تباهڪارين سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ امدادي سرگرميون ڪندڙ اين جي اوز جي ڪارڪردگي تي سخت ڳڻتي ۽ ڪاوڙ ظاهر ڪندي سماجي ادارن کي عوام جي ڀلائي خاطر بهتر نموني ڪم ڪرڻ ۽ مقامي نوجوانن کي روزگار مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ ٺٽي ضلعي اندر امدادي سرگرميون ڪندڙ مختلف ڏيهي توڙي پرڏيهي اين جي اوز ۽ سماجي ادارن جي عملدارن جو هڪ اجلاس جيل کاتي جي صوبائي وزير صادق علي ميمڻ جي صدارت هيٺ ڊي سي او آفيس مڪلي جي دربار هال ۾ ٿيو، جنهن ۾ پ پ جي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي ان موقعي تي سماجي ادارن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اين جي اوز جي ڪارڪردگي تسلي بخش نه رهي آهي ۽ انهن سماجي ادارن ۾ مقامي تعليم يافته نوجوانن بدارن ٻاهرين ضلعن مان ماڻهو ڀرتي ڪرڻ جون شڪايتون مليون آهن. جنهن تي صوبائي وزير صادق علي ميمڻ اين جي اوز جي ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته ٺٽي ضلعي جي غريب عوام جي نالي تي عالمي ادارن کان ڪروڙين رپيا امداد حاصل ڪندڙ اين جي اوز مقامي ماڻهن سان زيادتين جو سلسلو بند ڪن ۽ متاثرٿيندڙ ماڻهن جي واهر ڪرڻ سان گڏ فيلڊ اسٽاف ۾ مقامي نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي. ان موقعي تي اين جي اوز جي نمائندن پنهنجي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني اجلاس ۾ روينيو کاتي جي ڊي او آغا شاهنواز بابر ، ڊي ڊي او سي راهو عاطف رضا، اي ڊي او سي ڊي ڊي جاويد صبغت الله ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button