ٺٽو
الخدمت فائونڊيشن ٺٽي ضلعي جي ٻوڏ سٽيل ماڻهن لاءِ ٺٽي ۾ مفت ايمبولنس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) جماعت اسلامي جي الخدمت فائونڊيشن ٺٽي ضلعي جي ٻوڏ سٽيل ماڻهن لاءِ ٺٽي ۾ مفت ايمبولنس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ٺٽو ۾ منعقد ٿيل هڪ تقريب ۾ الخدمت فائونڊيشن ٺٽو جي صدر الطاف ملاح ايمبولنس سروس جي فراهمي واري پروگرام جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي جماعت اسلامي ضلعي ٺٽي جي امير مولانا عطاالرحمان بلوچ ، الخدمت فائونڊيشن جي صدر الطاف ملاح، مولانا اسماعيل گندرو خطاب ڪندي چيو ته ٺٽي ضلعي جي غريب ٻوڏ متاثر ماڻهن کي ايمبولنس جي مفت سروس سان گڏ آسان قسطن تي قرض جي سهوليت به ڏني پئي وڃي، ۽ معذور غريب ماڻهن ۾ وهيل چيئر تقسيم ڪيون ويون آهن جڏهن غريب متاثر ڳوٺاڻن کي 120 گهر پڻ تعمير ڪرائي ڏنا ويا آهن.