گمبٽ

ڪنائي ڍنڍ ويجهو ڳوٺ فقير محمد جتوئي ۾ هڪ ڏينهن لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي

گمبٽ ( رپورٽر) : سماجي تنظيم سيو دي لائيف ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران گمبٽ تعلقي جي ڪنائي ڍنڍ ويجهو ڳوٺ فقير محمد جتوئي ۾ هڪ ڏينهن لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن علائقي واسين کي مفت طبي چڪاس ۽ مفت طبي مشورا ڏنا ويا جڏهن ته ڪئمپ ۾ مريضن کي سماجي تنظيم پاران مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون. مفت طبي ڪئپم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي تنظيم جي ايگزيڪيٽوِ ڊائريڪٽر غلام حسين جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته ملڪ توڙي صوبي اندر سماجي تنظيمون انسان ذات جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪري رهيون آهن جنهن ۾ سيو دي لائيف پڻ علائقي واسين جي لاءِ تعليم توڙي صحت جي شعبن ۾ ڏينهن رات خدمت ڪري رهي آهي. هن چيو ته سيو دي لائيف تنظيم جو مقصد علائقي واسين جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ کين زندگي جون بنيادي ضرورتن جي پورائي ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون وٺڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته علائقي جي معزز ماڻهن جي تعاون سان تنظيم جي پليٽ فارم تان علائقي واسين جي لاءِ وڌيڪ مفت طبي ڪئمپون ۽ تعليمي سيمينار ڪرايا ويندا ته جيئن کين زندگي جي بنيادي سهولتن يعني تعليم جي باري ۾ وڌ ۾ وڌ ڄاڻ حاصل ٿي سگهي ۽ صحت جي حوالي سان وڌ ۾ وڌ سهولتون حاصل ٿي سگهن. ان موقعي تي علائقي جي معزز شخصيتن ۽ سماجي اڳواڻن جنسار جتوئي، سپنا ويلفئير ايسوسيئيشن ڪنڌ ڪوٽ جي علي گوهر ميراڻي، ايڊوڪيٽ زين سولنگي، غلام علي سهتو، رحيم بخش کهڙو، محمد يونس ڀنڊ، ڊاڪٽر انور الاهي سهتو، ليڊ پاڪستان جي ضلعي ڪوآرڊينيٽر زاهد حُسين ڏهوٽ، انفارميشن آفيسر صاحب خان ڀنڊ ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي سماجي تنظيم سيو دي لائيف جي واکاڻ ڪئي ۽ ان جي مفت طبي ڪئپ واري عمل کي ساراهيو. جڏهن ته ان کان اڳ سماجي اڳواڻن سيو دي لائيف پاران لڳايل طبي ڪئمپ جو افتتاح ۽ بعد ۾ معائنو ڪيو. طبي ڪئمپ ۾ آغا خان يونيورسٽي جي ڊاڪٽرن ڊاڪٽر ڪشور ڪمار، ڊاڪٽر ديو دت، پي پي ايڇ آءِ جي ڊاڪٽر انور الاهي سهتو ۽ ٻين ڪئمپ ۾ صحت جي سهولتن جي لاءِ ايندڙ 400 کان وڌيڪ مريضن جو مفت چڪاس ڪيو ۽ کين مفت طبي مشورا ڏنا جڏهن ته سماجي تنظيم سيو دي لائيف پاران طبي ڪئمپ ۾ ايندڙ مريضن کي مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون. هڪ ڏينهن جي لڳايل مفت طبي ڪئمپ ۾ سيو دي لائيف ويلفيئر آرگنائيزيشن سان ليڊ پاڪستان ۽ پي پي ايڇ جو تعاون پڻ رهيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button