آرٽيڪل

ڪراچي ۾ امن

ليکڪ: موسيٰ رضا
ڪراچي ۾ امن جي قيام لاءِ رڳو حڪومت کي ئي پنھنجو ڪردار ادا ناھي ڪرڻو پر سمورين سياسي قوتن جي اولين ذميواري اِھا ھجڻ کپي تھ اُھي ملڪ جي معيشت جو مرڪز چورائيندڙ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي جي حامل ھن شھر ۾ امن جي قيام لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن. مختلف لساني اڪائين ۽ قومن جي حامل ھن شھر ۾ ھڪ ننڍي چڙنگ باھھ بڻجي وڃي ٿي ۽ ان باھھ جو مشاھدو وطن وارن بار بار ڪيو آھي. ملڪ جي سياسي قوتن کي بھ ان حقيقت جو ادراڪ ڪرڻو پوندو تھ ڪراچي جھڙي ثقافتي شھر ۾ ڪا اھڙي چڙنگ نھ ڪيرائي سگھجي جيڪا باھھ بڻجي شھر ۾ امن کي تباھھ ڪري ڇڏي. ساحلي شھرن ۾ ھميشھ کان روزگار جي فراھمي جا مرڪز رھيا آھن ۽ انھن شھرن ۾ آبادي جو دٻاءُ بھ ڪنھن بھ ملڪ جي ٻين شھرن جي نسبت گھڻو ھوندو آھي. ساحلي شھر ڪڏھن بھ ڪنھن لساني يا قوميتي اڪائي جي ملڪيت ناھن ھوندا پر رياست جي انتظام ھيٺ ساحلي شھرن ۾ سمورين اڪائين ۽ قوميتن کي ڪاروبار ۽ روزگار جي فراھمي جا برابر موقعا حاصل ھوندا آھن، ممبئي ڪراچي کان وڏو ساحلي شھر آھي ۽ اُتي بھ پوري ڀارت مان مختلف قومن ۽ لساني اڪائين جا ماڻھو رھيل آھن. بال ٺاڪري ھندو انتھاپسندي جو لباس پائي ھميشھ کان ممبئي کي ھڪ مخصوص زبان ڳالھائيندڙن جي ملڪيت بڻائڻ جوخواھشمند آھي ۽ اڪثر اوقات مخصوص زبان نھ ڳالھائيندڙن جي خلاف اُتي ڪاروايون ٿينديون آھن ۽ ھنگاما ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون آھن، پر ممبئي ۾ ڪثيرالثقافتي معاشري ۾ ڀائيچاري ۽ اتفاق راءِ جو ماحول ايتري قدر مستحڪم آھي جو اُتي ڪڏھن بھ نفرت جي ڪا چڙنگ باھھ نٿي بڻجي سگھي. لبنان جي گادي واري شھر بيروت ۾ بھ ڪڏھن لساني ۽ قومي بنيادن تي ڀڙڪايل نفرت جي باھھ ڪافي سالن تائين ان شھر کي وھنجاري رکيو پر سياسي رھنمائن جي بصيرت سبب ھاڻي ان شھر ۾ امن ٿي چڪو آھي. ڪراچي ۾ اردو ڳالھائيندڙ، سنڌي، پنجابي، ھزارا ۽ بلوچستان جي ماڻھن کان علاوھ تمام وڏي تعداد ۾ پختون بھ آباد آھن. ھن شھر ۾ سمورين قومن جا ماڻھو اتفاق راءِ ۽ ڀائيچاري جي ماحول ۾ پھرين بھ رھندا رھيا آھن ۽ مستقبل ۾ بھ ائين ممڪن آھي ان جي لاءِ تشدد، نفرت ۽ اڍنگي سياست کي ترڪ ڪرڻو پوندو، ھي شھر سڀني جو سھارو آھي. صدر مملڪت آصف علي زرداري جي سربراھي ۾ ڪراچي ۾ امن جي قيام لاءِ صرف ھڪ ڏينھن ۾ ٽي اجلاس ڪراچي جي صورتحال تي ويچارڻ لاءِ ٿيا. صدر واضح ڪيو تھ ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلرز جي خلاف بلا امتياز ڪارروائي ٿيندي ۽ دھشتگردن کي چاھي تعلق ڪنھن بھ پارٽي سان ھجي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو. صدر اھو بھ چيو تھ جيڪڏھن آمريڪا طالبان سان ڳالھائي سگھي ٿو تھ اسان ايم ڪيو ايم سان ڇو نٿا ڳالھائي سگھون.
ايم ڪيو ايم، عوامي نيشنل پارٽي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سياسي قيادت يقينن ڪراچي ۾ امن جي قيام لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي خواھشمند آھي. پوري قوم ڪراچي کي ٻيھر ھڪ پُرامن شھر جي طور تي ڏسڻ جي خواھشمند آھي. ھن ساحلي شھر ۾ مختلف قومن جي وچ ۾ اختلاف ڪا حيرت جي ڳالھھ نھ آھي پر ڪراچي جھڙن شھرن ۾ اختلافن جو جنم وٺڻ ۽ مختلف لساني اڪائين جي وچ ۾ تڪرارن جو پيدا ٿيڻ ڪا غير معمولي ڳالھھ نھ آھي، ائين ڀارت جي ساحلي شھر ممبئي ۾ بھ ٿيندو آھي، ائين لبنان جي ساحلي شھر بيروت ۾ بھ ٿيندو رھيو آھي ۽ اھو ڪراچي ۾ بھ ٿي رھيو آھي. سياسي قيادت کي اھا حقيقت سمجھڻي پوندي تھ ڪا ملڪ دشمن قوت مختلف قومن جي وچ ۾ موجود فطري ٽڪراءَ کي پنھنجي مذموم مقصدن جي لاءِ استعمال نھ ڪري سگھي. پاڪستان دھشتگردي جو شڪار ملڪ آھي ۽ دھشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان گھڻو نقصان بھ سَٺو آھي، پاڪستان جون دشمن قوتون دھشتگردي جي خلاف جنگ جي آڙ ۾ ان کي نقصان پھچائڻ چاھن ٿيون. ڪراچي جي حالتن جي خرابي ۾ ملڪ دشمن قوتن جو ھٿ بھ آھي، ايم ڪيو ايم ھجي يا پاڪستان پيپلزپارٽي يا عوامي نيشنل پارٽي سمورين سياسي پارٽين کي اھا حقيقت تسليم ڪرڻ کپي تھ ھن شھر تي سڀني جو برابر حق آھي. ڪراچي ۾ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪرڻ سياسي پارٽين جي ناڪامي ئي چورائيندو، حڪومت ايف سي کي پوليس جا اختيار ڏئي ڇڏيا آھن، جڏھن تھ رينجرز شھر ۾ امن جي قيام جي لاءِ پھرين ئي پوليس سان گڏ پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھي آھي، دھشتگردن ۽ ٽارگيٽ ڪلرز جي خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي آھي، سياسي پارٽين ۾ لڪل دھشتگردن کي علحدھ ڪيو پيو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ سياسي ڊائيلاگ جو عمل بھ جاري آھي. صدر آصف علي زرداري جي سربراھي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم سان ڳالھائڻ ۽ انھن جا تحفظات ختم ڪرڻ جو فيصلو انھيءَ سياسي سوچ سان ڪيو ويو آھي تھ سياسي قوتن جي وچ ۾ اتفاق ۽ مفاھمتي عمل جي ذريعي شھر ۾ امن کي بحال ڪيو وڃي. ڪراچي ۾ جڏھن باھھ ٻري ٿي تھ ان سان پورو ملڪ متاثر ٿئي ٿو ۽ ان جا اثر ڪراچي ۾ رھندڙ سمورن طبقن تي ھڪ ئي انداز ۾ پون ٿا، ڪراچي ۾ امن ھوندو تھ سمورن طبقن کي ان مان فائدو ٿيندو. سياسي قوتن کي شھر ۾ امن جي بحالي جي لاءِ پنھنجو ڪردار بھرحال ادا ڪرڻو پوندو، صرف سياسي بصيرت جي ذريعي ئي انھن ملڪ دشمن قوتن جي سازشي عزمن کي ناڪام بڻائي سگھجي ٿو جيڪي ڪراچي جھڙي ڪثير الثقافتي ۽ ڪثير قومي شھر ۾ نفرت ۽ تشدد جي باھھ ڀڙڪائي پاڪستان کي نقصان پھچائڻ چاھن ٿيون. اھي قوتون ڪڏھن بيگناھھ پختونن ۽ ڪڏھن اردو ڳالھائيندڙن کي نشانو بڻائن ٿيون ۽ ڪڏھن ڪو بلوچ يا سنڌي انھن جو نشانو بڻجي وڃي ٿو. جنھن کان پوءِ ھڪٻئي جي خلاف پُرتشدد ڪاروايون شروع ٿي وڃن ٿيون. انھيءَ حقيقت کي ڄاڻڻو ۽ سمجھڻو پوندو تھ ڪا ٽئين قوت ھن شھر جي امن جي پويان آھي…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button