سکر

چوماسي جي پوندڙ برساتن سبب سنڌو درياءَ ۾ پاڻي ۾ چاڙهه آيو ته سکر شهر کي خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو

Bunder wallسکر(بيورورپورٽ)سکر شهر جي حفاظتي ديوار بندر وال ڪيترن ئي هنڌن تان حفاظتي ديوار کي مڪمل ڊاهي ڪري پٽ ڪيو ويو تازو ملڪ اندر چوماسي جي پوندڙ برساتن سبب سنڌو درياءَ ۾ پاڻي ۾ چاڙهه آيو ته سکر شهر کي خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو. سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر جي حفاظت لاءِ قائم ديوار بندر وال تان حڪومت قبضا ختم ڪرائي رهواسين کي 0 7 ڪروڙ روپيا معاوضو ادا ڪري رهواسين کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو ۽ انتظاميه پاران سکر شهر کي امڪاني ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ حفاظتي ديوار جو مرمتي ڪم شروع ڪيو ويو هو جيڪومقرر وقت اندر مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته انتظاميه پاران حفاظتي ديوار بندر وال تي قبضا ڪيل گهر ۽ دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن. جنهن کي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ جي باوجود ملبو نه کنيو ويو آهي. ۽ ڪيترن ئي هنڌن تان پراڻي ديوار مٿان نئي ديوار کنئي پئي وڃي جڏهن ته گذريل ٻوڏ دوران پراڻي ديوار مان ڪيترن ئي هنڌن تان پاڻي ٻاهر نڪري رهيو هو جيڪو شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت بند ڪيو هو ۽ حفاظتي ديوار جي حفاظت ڪئي هئي. بندر وال جي ديوار تي هلندڙ مرمتي ڪم ۾ ناقص ميٽريل استعمال ڪيو پيو وڃي جنهن جي ڪيترين ئي سياسي پارٽين نشاندهي به ڪئي آهي مگر هن وقت تائين ڪنهن به حڪومتي اعليٰ عملدارن جو نوٽيس نه ورتو آهي. بندر وال جي حفاظتي ديوار کي ڪجهه هنڌن تان ڊاهي صفا پٽ ڪيو ويو آهي. ڊاهي پٽ ڪيل ديوار واري هنڌ تان سنڌو درياءَ جو پاڻي ڪجهه فوٽ پري کان وهڪرو وهي رهيو آهي. جڏهن ته ڪيترائي ڏينهن گذرڻ جي باوجود حفاظتي ديوار جي تعمير شروع نه ڪئي وئي آهي. تازو ملڪ اندر پوندڙ چوماسي جي تيز برساتن کانپوءِ سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه اچڻ سان سکر شهر کي سخت خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو مگر ضلعي انتظاميه اگهور ننڊ ۾ ستل آهي. هتان جا چونڊيل نمائنده خاموش تماشائي بڻيل آهن. سکر جي شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سکر شهر جي حفاظت لاءِ قائم ديوار بند وال جو ڪم تيزي سان جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ جتان حفاظتي ديوار ڊاهي پٽ ڪئي وئي آهي اتان ديوار فوري طور تي تعمير ڪئي وڃي ۽ بندر وال جي تعميراتي ڪم ۾ ناقص ميٽريل جي استعمال جو نوٽيس وٺي تحقيقات ڪري ان ۾ ملوث ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button