مختصر خبرون
ڀرڪڻ جي رهواسي محمد اسحاق ميئو سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل
سکر(بيورورپورٽ)شڪارپور جي ڳوٺ ڀرڪڻ جي رهواسي محمد اسحاق ميئو سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته سندس گهر ۾ گهڙي ڦر لٽ دوران مزاحمت تي هڪ پاڙي واري منظور مهر جي قتل ۽ ٻن ڄڻن ارشاد ميئو ۽ ديدار مهر جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي ڇوته ڏيڍ هفتو گذرڻ باوجود چڪ پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻوٽو ناهي ٻاري سگهي هن چيو ته هن افسوسناڪ واقعي بعد عدالتن مان انصاف جي اميد رکان ٿو ته هو پوليس کي دٻاءَ وجهن.