ڪراچي

پ پ ۽ متحده وچ ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ضلعي حڪومتون بحال ڪرڻ تي اتفاق، حتمي ڊرافٽ تيار،اڄ 3 آرڊيننس جاري ٿيندا

Governorڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)پيپلزپارٽي ۽ متحده ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ضلعي حڪومتي نظام بحال ڪرڻ ۽ ڪمشنري نظام ۾ ترميمن تي اتفاق ڪري ورتو. معاملا طئي ٿيڻ بعد حتمي ڊرافٽ تيار، اڄ 3 آرڊينينس جاري ٿيڻ ۽ متحده جي حڪومت ۾ شموليت جو امڪان. خبر موجب گورنر هائوس ۾ پيپلزپارٽي ۽ متحده ۾ هلندڙ اختلافن جي خاتمي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌجي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، سنڌ جي وڏي وزير سيدقائم علي شاهه ۽ بابراعواڻ شرڪت ڪئي.پ پ ۽ متحده وچ ۾ ڳالهين جا ٻه دور ٿيا، شام جو سنڌ جي گورنر سان گڏجاڻي بعد سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ پ پ اڳواڻ بابر اعواڻ واپس وزيراعليٰ هائوس ويا، جتي پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سان گورنر سان ٿيل ڳالهين بابت صلاح مشورن بعد ٻيهر گورنر هائوس پهتا، گورنر هائوس پهچي گورنر سان ٻيو دور شروع ڪيو . جنهن ۾ گهرو وفاقي وزير رحمان ملڪ پڻ ڳالهين ۾ شامل ٿيو. اجلاس دوران قانوني مشوري لاءِ سنڌ جي قانون واري سيڪريٽري غلام نبي شاهه کي هنگامي طور گورنر هائوس طلب ڪيو ويو. جنهن ۾ ذريعن موجب اجلاس ۾پيپلزپارٽي محتده قومي موومينٽ جا شرط مڃي ورتا آهن. اجلاس ۾ متحده جي حڪومت ۾ واپسي ۽ متحده پاران پراڻي بلدياتي نظام جي بحالي وارن مطالبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اجلاس دوران گورنر ۽ صدر آصف علي زرداري وچ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ طئي ٿيل معاملن کي حتمي شڪل ڏني وئي. ذريعن موجب ٻنهي ڌرين ڪراچي ۽ حيدرآباد کي پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. جڏهن ته اجلاس ۾ ڪراچي جا سمورا ٽائون بحال ڪرڻ ۽ ڪمشنري نظام ۾ ترميمن تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ پ پ ۽ متحده ۾ معاملا طئي ٿيڻ بعد ڪمشنري نظام ۾ ترميم جو ڊرافٽ تيار ڪيو ويو آهي. اڄ ڪمشنري نظام ۾ترميم ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي پراڻي حيثيت بحال ڪرڻ لاءِ 3 آرڊينينس جاري ٿيڻ جو امڪان آهي. ان سلسلي ۾ رات دير تائين جاري رهندڙ اجلاس ۾ آرڊينينس جاري ڪرڻ بابت قانوني مشورن لاءِ سنڌ جي قانون واري سيڪريٽري غلام نبي شاهه کي گورنر هائوس طلب ڪيو ويو هو. ذريعن موجب ان سلسلي ۾ اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو آهي ته سڀ کان پهريان ايم ڪيو ايم جي مطالبن کي عملي جامو پهرائيندي آرڊينينس جاري ڪيا ويندا. جنهن بعد متحده قومي موومينٽ مرحليوار حڪومت ۾ شامل ٿيندي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پهريان وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيندي، جنهن بعد صوبائي حڪومت جو حصو بڻجندي. ذريعن موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر بدستور ڪم ڪندا رهندا. جڏهن ته پ پ ۽ متحده وچ ۾ طئي ٿيو آهي ته پراڻي بلدياتي نظام ۽ ڪمشنري نظام کي ملائي نئون فارمولا جوڙيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button