ٺٽو

پ پ حڪمران هشتگردن جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي سنڌ جي ورهاڱي جي شروعات ڪئي آھي: ٺٽي ۾ ريلي

فائل ڦوٽو
ٺٽو(سجاد علي ميميڻ ) ڪمشنري نظام جي بحالي ۽ ناظمي نظام جي مخالف ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن علي حسن چانڊيو ، حسن سمون، جسقم ضلعي ٺٽي جي صدر سرور خشڪ ۽ جيئي سنڌ نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي جي اڳواڻي ۾ ايڌهي سينٽر ٺٽو کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي برسات ۾ ڌرڻو هڻي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پ پ حڪمرانن دهشتگردن جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي ڪمشنري نظام جي حمايت ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ آئيني شڪل هوندي به ناظمي نظام بحال ڪري نه رڳو سنڌ جي ورهاڱي جي شروعات ڪئي آهي هنن چيو ته ڪراچي ۾ امن جي بحالي جي نالي تي جيڪڏهن ڪراچي دهشتگردن حوالي ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي ڪارواين کي روڪڻ ۽ امن جي بحالي جي نالي تي انهن کي به ضلعا ڏنا وڃن ، هنن چي ته هو ڪنهن به صورت ۾ ڌرتي جي ورهاڱي کي برداشت نه ڪندا ۽ نه ئي مشرف جي لاڳو نظام کي قبول ڪندا. هنن چيو ته سندن جدوجهد ڪمشنري نظام جي بحالي تائين جاري رهندي ، هوڏانهن ستپ جي مرڪزي اڳواڻ علي حسن چانڊيو ٺٽو پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شرجيل ميمڻ هڪ حڪمت عملي تحت نه پر سجي سنڌي قوم آڏو اچي ڪيل غلط ڪم جي معافي وٺي جڏهن ته سنڌ جي ورهاڱي واري اختيار ڪيل انهي حڪمت عملي سان سجي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي قومپرستن سان گڏ بيٺي آهي ۽ قومرپستن ڪنهن جي به بد تميزي ناهي ڪئي پر عوام سازش ٿيندڙن کي پنهنجو چهرو ڏيکاريو آهي ۽ عوام پ پ جي وزيرن ۽ چونڊيل عيوضين جي گهرن تي توا ۽ چوڙيون ٽنگهي اهو ٻڌايو آهي ته هو سنڌ جو ورهاڱو ته پري ان خلاف ميري اک کڻي ڏسندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي. هن اعلان ڪندي چيو ته 13 هين آگسٽ تي اعلانيل هڙتال جي هو مڪمل حمايت ڪن ٿا جڏهن ته سنڌ جي مڙني قومپرستن کي هاڻ ڪراچي کي مرڪز ٺاهي سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين خلاف آواز بلند ڪرڻو پوندو جڏهن ته ان موقعي تي حسن سمون، اعجاز سامٽيو، زوار پيروزاڻي ، رزاق سمون، بلاول سمون ۽ ٻيا ڪيترائي ستپ ڪارڪن پڻ موجود هئا .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button