سکر

پيپلزپارٽي مظلوم عوام جي پارٽي آهي: آزاد ڪشمير جو وزيراعظم

سکر(بيورورپورٽ) آزاد ڪشمير جي وزير اعظم چوڌري عبدالمجيد چيو آهي ته پيپلزپارٽي مظلوم عوام جي پارٽي آهي. ۽ پيپلزپارٽي جي باني شهيد قائد عوام پارٽي جو بنياد رکي ملڪ جي غريب عوام جي حقن لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ آمر آڏو ڪنڌ جهڪائڻ بدران شهادت ماڻي هميشه لاءِ امر بڻجي ويو. آزاد ڪشمير جو وزير اعظم مقرر ٿيڻ کان پوءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو شهيدن جي مزارن تي حاضر ڀرڻ کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ وڏي ڪاميابي ماڻي آهي. پيپلزپارٽي جي قيادت ملڪ کي ايٽمي طاقت فراهم ڪئي آهي ۽ ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو تنهن ڪري ڀارت کي کپي ته ڪشمير تان قبضو ختم ڪري ۽ ڪشميري عوام کي آزادي جو حق ڏنو وڃي. هن چيو ته مان وزير اعظم چونڊجڻ کان پوءِ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ لاءِ آيو آهيان. ۽ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري مون کي سڪون ملندو آهي. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام جا مسئلا تيزي سان حل ڪيا ويندا ۽ آزاد ڪشمير ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button