پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئشن چونڊ جي نتيجن کي عدالتن ۾ چئلنج ڪرڻ جو اعلان

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) آپڪا ضلعي ٺٽي جي صدر غلام قادر بلوچ ، نياز ميمڻ، سيد سجاد علي شاهه، حسن ڍولو، ابراهيم راهمون، شوڪت راجپوت ، تاج بروهي ، مهتاب قريشي، قبول محمد شاهه، صالح قمبراڻي، جاويد سمون، اسدالله شاهه، چانڌي بروهي، علي گوهر ٻارڻ، احمد خان خشڪ، ولي محمد جاکرو ۽ ٻين ضلعي جي مختلف ڪلرڪ يونٽ جي عهديدارن گڏيل طور تي هڪ بيان جاري ڪري پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئشن خلاف هڪ ٽولي پاران سنڌ جي ضلعن ۾ چونڊ شيڊول پڌري ڪرڻ واري عمل کي بوگس قرار ڏنو آهي ۽ پنهنجي بيان ۾ جاڻائيندي چيو آهي ته اهڙي جاري ڪيل چونڊ شيڊول کي مرڪز ۽ صوبائي قيادت جي منظوري ناهي مليل جنهن ڪري هو نه رڳو انهي شيڊول کي ڪوڙو ۽ بوگس قرار ڏين ٿا پر سازشن جي اهڙي عمل جي پڻ سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا. هن واضح ڪندي چيو ته هو اهڙي چونڊ جي نتيجن کي عدالتن ۾ چئلنج ڪندا جڏهن ته هنن آپڪا جي مرڪزي صدر دوست محمد بروهي ، صوبائي صدر امان الله مشهواڻي ۽ انهن جي ڪابينا تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close