ٺٽو

ٺٽي ۾ سم نالن جا 15 کان مٿي گهارا بند نه ٿيڻ ڪري تباهه ڪارين جو سلسلو جاري

فائل ڦوٽو
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي جي ميرپوربٺورو ، جاتي ۽ سجاول تعلقن جي 8 يوسيز ۾ تباهي آئيندڙ ڪارو گونگڙو سم نالي جي اٿل ۽ گهاري کي بند ڪرڻ کان پوءِ به ٻين سم نالن جا 15 کان مٿي گهارا بند نه ٿيڻ ڪري تباهه ڪارين جو سلسلو جاري آهي ۽ لکين ايڪڙ فصل جن ۾ ساريون، ڦٽيون، مرچ ، داڻا، گدرا ، ڪمند شامل آهن. مڪمل طور تي ٻڏي وڃڻ ڪري علائقي ۾ آبادگارن، هارين ۽ زميندارن کي وڏو نقصان رسيو آهي ۽ زرعي بحران ۽ معاشي بحران پيدا ٿيڻ لڳو آهي جڏهن ته ٽنهي تعلقن ۾ سم نالن هڪ سئو کان مٿي مڇي جا تلاءُ به ٻوڙي ڇڏيا آهن جنهن ڪري فارمرن کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي چئن صوبائي وزيرن جو تعلقي ٺٽي ضلعي سان هجڻ باوجود اڃان تائين ٺٽي ضلعي کي رليف پيڪيج ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٺٽي جي ڊي سي او محمد جعفر عباسي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر سان رابطو ڪري ۽ لکت ۾ رپورٽ اماڻي ضلعي اندر سم نالن جي تباهي سبب متاثر ٿيل علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏيئي متاثرين جي لاءِ خاص پيڪيج جي منظوري جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، ڊي سي او پنهنجي رپورٽ ۾ ٺٽي ضلعي اندر تباهي جو ذميوار آبپاشي ۽ ڊرينيج کاتي کي قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ڪي به آبڪلاڻي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ سم نالن جي مرمت لاءِ واسطيدار اداري ڪوششون نه ورتيون جنهن ڪري اها صورتحال پيدا ٿي آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button