ٺٽو

ٺٽي ضلعي جا 125 کان مٿي ڳوٺ پاڻي ھيٺ، فصل تباھ

فائل ڦوٽو
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) سجاول سب ڊويزن جي ٻن تعلقن بٺورو ۽ جاتي ۾ بدين جي سم نالي ڪاري گونگڙي جي اوبتي وهڻ ڪري هتان جي 6 کان مٿي سم نالن ديوان، جتوئي، شورا، لنڊا، لوڻيا ، شاخ پور ۽ شاهمراد شگرملز ۾ لاڳيتي پوندڙ گهارن 125 کان وڌيڪ ڳوٺن کي پاڻي هيٺ آڻي ٻنهي تعلقن جي چئن يوسيز گل محمد ٻارڻ، دريا خان سوهو، مهر شاهه ۽ جهوڪ شريف ۾ پوکيل هزارين ايڪڙن تي قيمتي فصل تباهي جي ور چڙهي ويا آهن جڏهن ته سم نالن ۾ پيل گهارن جي وڌندڙ پاڻي ڪري هزارين ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت کلي آسمان هيٺ پناهون ورتيون آهن . ضلعي انتظاميا پاران چئن يوسيز جي 16 کان وڌيڪ ديهن متاثر جاڻائي 6 هزار متاثرن لاءِ 8 امدادي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. ٻئي طرف ضلعي انتظاميا ۽ ڊرينيج کاتي پاران سم نالن ۾ پيل گهارن نه ٻڌڻ ڪري 6 سم نالن جو زهريلو پاڻي اڳتي وڌي رهيو آهي هوڏانهن اهو به معلوم ٿيو آهي ته چانڊوڪي راتيون هجڻ ڪري سمنڊ ۾ چاڙ هجڻ سبب ڪاري گونگڙي سميت بٺورو ۽ جاتي جي سم نالن جي پاڻين جي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ڪرڻ ڪري سم نالن جي وڌيڪ تباهي پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي ، جڏهن ته سم نالن جي زهريلي پاڻي سبب متاثري علائقن ۾ پڻ ڪيترين ئي موضي بيمارين جنم ورتو آهي جنهن ڪري متاثرين جي زندگين کي پڻ خطرو لاحق ٿي ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button