خيرپور

وڏي وزير طرفان ميٽ جي کاڻ ۾ فوت ٿي ويلن لاءِ ھڪ ھڪ لک جو اعلان

خيرپور : ضلعي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او محمد عباس بلوچ نارا تعلقي جي ڳوٺ راڄپاري ۾ پهچي ميٽ جي کاڻ ۾ فوتي مزدورن جي وارثن سان تعزيت ڪئي جڏهن ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي حُڪم تي ضلعي حڪومت پاران فوت ٿي ويلن چئن ڄڻن مان هر هڪ جي پوئنرن کي هڪ هڪ لک روپيه جڏهن ته زخمين جو مفت علاج ۽ هر هڪ لاءِ 25 هزار روپيه مالي سهائتا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ڊي سي او وڌيڪ لاءِ ڊي ڊي او روينيو ڪوٽ ڏجي / نارا ۽ مختيار ڪار نارا کي فوتين جي تفصيلي رپورٽ ڏيڻ جي هدايتون جاري ڪيون ۽ کين تعلقي اندر حساس کاڻين جي رپورٽ ڏيڻ جو پڻ حُڪم ڏنو. ان موقعي تي مائينس ۽ منرل کاتي جي ڊائريڪٽر سيد اسدالله شاهه کي پڻ ڊي سي او اهڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حُڪم جاري ڪيو ۽ کاتي جي مائينز اينڊ منرل کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل کي فوتين سان ملڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون. معلوم ٿيو آهي ته جمعي جي صبح سوير ڳوٺ راڄپاري ويجهو ميٽ جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙن مزدورن تي اوچتي ڀِٽ ڪرڻ سبب چار ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن ۾ هوت خان ڀنڀرو، اعجاز ڀنڀرو، عجب گُل ڪُٻر، عمران شامل آهن جڏهن ته چار ڄڻا زخمي ٿي پيا جنهن ۾ نثار ڀنڀرو، نثار قاضي، ارباب ڀنڀرو۽ عرفان قاضي شامل آهن جن جو سول اسپتال خيرپور ۾ علاج هلي رهيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button