سکر

وسيع تر قومي مفاد تحت ڪراچيءَ ۾ هزارين ماڻهن جو قتل ٿي چڪو آهي ۽ قاتل گرفتار نه ٿيندا آهن: جمعيت علماءِ اسلام

KhalidSoomro12سکر(بيورورپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر خالد محمود سومري، قاري محمد عثمان، محمد اسلم غوري، حاجي عبدالمالڪ ٽالپر ۽ ٻين پنهنجي گڏيل بيان ۾ سنڌ ۾ اوچتو ڪمشنري نظام جي بحالي ۽ پوءِ واپسي ڪري سنڌ جي عوام سان مذاق قرار ڏيندي هنن چيو ته پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت جي مثال ائين آهي جيئن ٻار جي هٿ ۾ رانديڪو آهي. ۽ ان سان کيڏي رهيا آهن. هنن چيو ته ڪمشنري نظام جي بحالي سنڌ جي عوام جي مفاد ۾ نه بلڪي متحده جي حڪومت کان عليحدگيءَ جو ثمر هو. هنن چيو ته حڪمران سنڌ جي تمام معاملا عوام جي نالي تي استعمال ڪندا آهن. مگر اصل ۾ اهي پنهنجا ذاتي مفادن جا تابع آهن. هنن چيو ته وسيع تر قومي مفاد تحت ڪراچيءَ ۾ هزارين ماڻهن جو قتل ٿي چڪو آهي ۽ قاتل گرفتار نه ٿيندا آهن. اگر ڪجهه گرفتا ٿيڻ جي ڳالهه ڪندا آهن ۽ انهن کي ميڊيا ۽ عوام جي آڏو نه آندو ويندو آهي. ۽ وسيع تر قومي مفاد ۾ انهن کي ڇڏيو ويندو آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪا به شيءَ نظر نه اچي رهي آهي ۽ ائين لڳي رهيو آهي ته حڪومت ۾ شامل ماڻهو صرف پنهنجي مفادن خاطر وقت گذاري رهيا آهن. حڪومتي وزير ۽ مشيرن جي فوج ميڊيا تي ويهي ڪري وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن. عملي طور تي کاڌي پيتي جي ڏينهن ڏينهن وڌندڙ مهانگائيءَ تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي عوام سان مذاق ختم ڪري فوري طور تي پنهنجي ذميوارين جو مظاهرو ڪن. سنڌ ۾ لا آرڊر، خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ کي فوري طور تي روڪيو وڃي ۽ ڪمشنري نظام جو واپسي جو آرڊيننس فوري طور تي واپس وٺي ڪري ڪمشنري نظام کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن هڪ آمر جو نافذ ڪيل بلدياتي نظام جو فوري طور خاتمو اچي سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button