ٺٽو

واجد دراني کي سنڌ جو آئي جي بنائي مظلوم ماڻهن ۽ ڀٽو جي پيروڪارن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو ويو آهي: پ پ شهيد ڀٽو

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) پ پ شهيد ڀٽو ضلعي ٺٽي ۽ ٺٽو سٽي پاران شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار واجد دراني کي آئي جي سنڌ بنائڻ، سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، بيروزگاري، مهنگائي، لوڊشيڊنگ ، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ گهارو ۾ شهيد ڀٽو اڳواڻ گل بقا ڀٽ سان گهارو پوليس جي ڪيل بدتميزي خلاف ٺٽو ۾ ضلعي صدر ابن خاصخيلي ، لالا ساگر شيخ ۽ خدابخش سمون جي اڳواڻي ۾ هڪ ڏينهن جي علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي جنهن ۾ پرويز ساٽي، صدام بروهي، عيسيٰ لاشاري، علي احمد لاشاري، علي احمد ڀنڀرو، گل بقا ڀٽ، پيربخش سمون، مشتاق بروهي، جعفر اوٺو، عقيل ابڙو، حسن ڪنڀار، الطاف شيخ، جاويد ملاح ، اڪبر ميمڻ، امدادي بروهي، شهزاد دايو، غلا م مصطفيٰ ملاح، حنيف بروهي، ڪريم بخش جاکرو سميت وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن ابن خاصخيلي، لالا ساگر شيخ، خدا بخش سمون، چيو ته سندن جدوجهد شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن کي سزا ڏيڻ تائين جاري رهندي. هنن چيو ته واجد دراني کي سنڌ جو آئي جي بنائي سنڌ جي مظلوم ماڻهن ۽ ڀٽو جي پيروڪارن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو ويو آهي ، هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي قانوني ڪٽهڙي ۾ آندو ڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button