آرٽيڪل

هي ڪهڙو تماشو آهي؟! واحد پارس هيسباڻي

واحد پارس هيسباڻي
سمورن دهلن، دمامن، ناچ گانن ۽ هوجمالن مٿان دانگي ڦري چڪي، پ پ اهو ئي ڪيو جنهن جو خدشو هو. مفاهمتي راڳ جي روايتي پلٽن ذريعي هن ڪجهه هفتا اڳ پنهنجي ئي ڪيل فيصلي مٿان منڌيئڙو ڦيري ڇڏيو. ڪمشنري نظام، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اڳوڻي حيثيت ۾ بحالي واري آرڊيننس کانپوءِ پنهنجن/ پراين ۾ جيڪي به خوشفهميون پيدا ٿيون هيون، پ پ رات جي اونداهيءَ ۾ انهن مٿان ڪمال ڪاريگريءَ سان پاڻي ڦيري ڇڏيو. ڪير ٿو چوي ته رات جي اونداهيءَ ۾ رڳو ڊڪٽيٽر ئي عوامي مينڊيٽ جي ڪک ۾ خنجر هڻندا آهن؟ پاڻ وارا جمهوريت پسنديءَ جا دعويدار ان معاملي ۾ ڪهڙا گهٽ آهن؟ انهن ڪهڙي ڪسر ڇڏي آهي! جيڪڏهن جمهوريت پسندي ان کي چوندا آهن، عوام دوستي ان کي چوندا آهن ته اهڙي جمهوريت پسندي ۽ اهڙي عوام دوستي اسان کي نه ٿي گهرجي. عوام پ پ کي مينڊيٽ ڏئي ان لاءِ ايوانن ۾ نه موڪليو هو ته اها ڏينهن رات سندن مينڊيٽ جو ائين تماشو ڪندي. شهيد بينظير ڀٽو راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ پنهنجي جان ان لاءِ نه گهوري هئي ته کانئس پوءِ سندس پارٽي اقتداري مزن ۾ سمورا آدرش ۽ اصول وساري ڇڏي. حرام ۽ حلال جو فرق ختم ڪري ’جيڪو آيو سو اگهيو‘ جا بدترين مثال قائم ڪري، هن جي پهرين ۽ آخري ترجيح اقتدار بچائڻ رهجي وڃي ۽ عوام ان لاءِ ڪنهن به ليکي ۾ نه رهي. پاڻ اقتداري ايوانن ۾ هڪ کان هڪ تماشا ڏٺا، پر جهڙا تماشا هن حڪومت ڪيا آهن ان جو پاڪستان جي 63 سالن جي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي.
ائين به ٿيندو آهي ڇا ته توهان هڪ اتحادي ڌر کي خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ ڪروڙين ماڻهن جي اکين ۾ صبح شام ڌوڙ وجهندا رهو. صبح جو جيڪو فيصلو ڪيو شام جو ان تان هٿ کڻي وڃو. جيڪڏهن توهان ۾ پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرڻ جي اهليت يا طاقت نه آهي ته ڇو ٿا ڪريو؟ عوام جي احساسن سان راند کيڏڻ سان گڏ پاڻ کي به نئين سج نئون تماشو ڇو ٿا بڻايو! هي حڪمراني جو ڪهڙو انداز آهي، جنهن ۾ صبح شام اٿ ويهه ڪرڻي پوي. اهڙي حڪومت کان ته ڀينگ ڀلي آهي، جيڪڏهن ضمير جي آواز تي هلجي ته، هي حڪومت نيٺ رهڻي به ڪيتري آهي، باقي 17 مهينا ان کانپوءِ ڇا ٿيندو؟ هي وزير ۽ مشير جيڪي مفاهمتي راڳ ۾ هڪٻئي کان وڌي چڙهي پلٽا هڻي رهيا آهن، اهي پوءِ ڪيڏانهن ويندا؟ جيڪڏهن هي سڀڪجهه آخري ڀيرو مزو ڪري وٺڻ واري سوچ تحت ڪيو پيو وڃي، پوءِ ته ٺيڪ آهي، پر جيڪڏهن هن سياسي سلسلي کي جاري رکڻو آهي ته پوءِ پوئتي ڪجهه به نه بچي رهيو آهي. ملير کان وٺي ميرپور ماٿيلي تائين، جوهي کان وٺي ننگرپارڪر تائين ماڻهن جو اندر ڪيئن ڪڙهي رهيو آهي. اهي ڪاوڙ ۾ ڪيئن پنهنجا چپ ٽڪي رهيا آهن، ڪير ڏسي ته سهي! ماڻهو نه اياڻا آهن ۽ نه ڪنهن جا زرخريد غلام آهن جو ايڏو تماشو ٿيڻ جي باوجود اهي وقت اچڻ تي محبت ۾ ڊوڙندا ايندا. اهو وقت گذري ويو، هاڻي اها شهيد راڻي به نه رهي آهي، جنهن جي سحر ۾ ماڻهو پنهنجا سڀ رنج وساري ڇڏيندا هئا. اقتداري نشي ۾ مدهوش هنن حڪمرانن کي ان انتها تي نه پهچڻ گهرجي جو پٺيان ڪجهه به نه رهي.
هن حڪومت کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو آهي ته اها پنهنجي مرضي سان سنڌ کي ورهائيندي وتي ۽ هڪ صوبي ۾ ٻه نظام قائم ڪري، جيڪڏهن کيس پنهنجي اتحادي ڌر اڳيان اڳي پوءِ برف جيان رجي وڃڻو هو ته پوءِ ڪمشنري نظام جي بحالي ۽ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ کي پراڻي حيثيت ۾ موٽائڻ واري ’ڪامريڊي‘ ڏيکارڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ ڪيڏانهن ويا اهي وزير، مشير ۽ اهم اڳواڻ جيڪي ڀير تي ڏونڪو هڻي دعويٰ ڪري رهيا هئا ته جيڪي فيصلا ٿي ويا سي ٿي ويا، هاڻي انهن کي واپس وٺڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. نه ڪمشنري نظام جي بحالي وارو فيصلو واپس وٺبو ۽ نه ڪراچي ۽ حيدرآباد جي پراڻي حيثيت ۾ بحالي واري فيصلي تان هٿ کڻبو! اهي خاموش ڇو آهن؟ انهن ماڻهن کي نيٺ سمجهيو ڇا آهي؟ هڪ رانديڪو؟ جنهن سان اهي جنهن وقت به چاهيندا راند ڪندا؟!
هڪ اتحادي ڌر جي فرمائش تي ڪروڙين ماڻهن جي راءِ کي پٺي ڏئي صوبي ۾ ٻه نظام قائم ڪرڻ ڪهڙي انصاف پسندي آهي، جيڪي وزير ۽ مشير اهي وضاحتون ڪري رهيا آهن ته قانون ۾ اهو سڀڪجهه جائز آهي ۽ هي غلط نه آهي، انهن کان مان صرف ايترو پڇان ٿو ته جيڪڏهن قانون ۾ هي سڀڪجهه پهريان جائز ۽ صحيح هو ته پوءِ اسيمبلي جي فلور تي قراردادون پاس ڪرائڻ، اتي ڪمشنري نظام ۽ ڪراچي حيدرآباد جي پراڻي حيثيت ۾ بحالي وارن نقطن تي ڳلي ڦاڙ تقريرون ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. سرڪاري خزاني مان هڪٻئي کي مبارڪباد جا پيغام شايع ڪرائڻ ۽ نشر ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي! جيڪڏهن اڳتي هلي ڪراچي ۽ حيدرآباد مان ڪمشنري نظام ختم ڪري مشرف وارو ضلعي حڪومتن وارو نظام بحال ڪرڻو هو ته هن ايڏي وڏي ڊرامي بازي جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ ماڻهن جي احساسن سان هن قسم جي راند ڪري نيٺ اسان جا حڪمران ڪهڙو ذهني چسڪو حاصل ڪن ٿا؟
جيڪڏهن پ پ پنهنجو 17 مهينن جو اقتدار بچائڻ لاءِ عوامي ردعمل جي پرواهه ڪرڻ بنا ايترو ڪجهه ڪري سگهي ٿي ته سڀاڻي ان ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت آهي ته جڏهن سندس اتحادي ڌر ڌار صوبي جو مطالبو ڪري (جنهن جا ديوارن تي نعرا لکجي چڪا آهن) ته هي اهو مطالبو پورو نه ڪندي؟ نيٺ هينئر تائين پ پ هڪڙو به اهڙو ڪهڙو مثال ڇڏيو آهي، جنهن کي سامهون رکندي ائين سمجهجي ته هي ائين نه ڪندي. اهڙي قسم جي اميد اتي رکي ويندي آهي، جتي سياست ۾ ڪي اصول هوندا آهن، جتي سياست جو مقصد صرف ۽ صرف اقتدار بچائڻ رهجي وڃي، اتي اهڙي اميد ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. پ پ ائين به ڪري سگهي ٿي ۽ اها صرف 17 مهينن جو اقتدار بچائڻ لاءِ ايتري هيٺاهين تائين به وڃي سگهي ٿي، ان جو گهٽ ۾ گهٽ مون کي گمان به نه هو. هن قسم جي ڦرڻين گرڻين پاليسين جي ڪري پ پ عام ماڻهو کي ته مايوس ڪيو ئي آهي، پر گهٽ عذاب ۾ سندس ورڪر لڏو به نه آهي. اهو ورڪر لڏو ويچارو پنهنجو منهن لڪائڻ ۾ پورو ٿي ويو آهي. هي ورڪر لڏو اقتداري بيرڪن ۾ بند نه آهي، نه ئي 50 گاڏين جي پروٽوڪول ۾ هلي ٿو جو ان تائين عوام جا سوال نه پهچي سگهن. هي ورڪر لڏو هنن عام ماڻهن جي وچ ۾ رهي ٿو، اتي گهمي ڦري ٿو، اتي ويهي ٿو ۽ ان کان سوال ٿين ٿا ته توهان جي پارٽي هي سڀڪجهه ڇا ڪري رهي آهي؟ ان جي پاليسي نيٺ ڇا آهي؟ ۽ ورڪر لڏي وٽ ان جو ڪوبه جواب نه ٿو هجي، ’اهم اڳواڻ‘ ته هن سموري کيل تماشي کي ’مفاهمتي پاليسي‘ جو نالو ڏئي ڪن ڪڍائي وڃن ٿا، پر ورڪر لڏو پاڻ کي باهه ۽ پاڻي جي وچ ۾ محسوس ڪري ٿو.
جيڪڏهن هي سڀڪجهه ’مفاهمتي پاليسي‘ تحت ٿي رهيو آهي ته ان جو هڪ دنگ ته هجڻ گهرجي. مفاهمتي پاليسي جو هڪ واضح مهانڊو ته هجڻ گهرجي، مفاهمت ۽ منافقت ۾ ڪجهه فرق ته هجڻ گهرجي! هي ڪهڙي مفاهمتي پاليسي آهي، جنهن ۾ رهو به حلال آهي ته ٻوٽيون به حلال آهن. اها ڪهڙي مفاهمتي پاليسي آهي، جنهن ۾ اهو ئي صحيح آهي، جيڪو اتحادي پارٽي کي صحيح لڳي ٿو. اهو ئي جائز آهي، جيڪو اتحادي پارٽي کي جائز لڳي ٿو! اها ڪهڙي مفاهمتي پاليسي آهي، جنهن ۾ ڪروڙين ماڻهن جي راءِ تي هڪ مخصوص انگ جي راءِ حاوي هجي! اها ڪهڙي مفاهمتي پاليسي آهي، جنهن ۾ ڪوبه اصول نه هجي، ڪابه هڪڙي ڳالهه نه هجي! مهرباني ڪري سياست کي کچڻي نه بڻايو، سياست کي ايترو نيچ نه ڪري ڇڏيو جو عام ماڻهو ان جو ذڪر ٻڌندي به شرم ۾ ٻڏي وڃي. توهان جون اتحادي ڌريون اتحاد ۾ واپس اچي ويون، توهان جا ڦٽل ميلا وري مچي ويا، توهان جي اقتدار اڳيان خطرا ٽري ويا، توهان کي لک لک مبارڪون هجن، اسان کي هنن اتحادين تي ڪوبه اعتراض ڪونهي، پر مهرباني ڪري هن سموري چڪر ۾ سنڌ جي مفادن کي ڇيهون ڇيهون نه ڪريو. سنڌ جي ماڻهن جي مينڊيٽ جي توهين نه ڪريو. سنڌ جي اصل مالڪن جي مالڪي جون پاڙون ڪمزور نه ڪريو، پنهنجي اتحادين کي تحفي ۾ مکيه شهرن جون بادشاهيون ته ڏيو. ڪوبه فيصلو ڪرڻ کان اڳ ۾ سؤ ڀيرا سوچيو ته ڇا اوهان ۾ ان فيصلي تي بيهڻ جو دم به آهي؟! توهان سنڌ جي ماڻهن کي ڪي فائدا نه ٿا ڏئي سگهو ته ڀلي نه ڏيو، ڪابه ميار ناهي، ڪابه شڪايت نه آهي، پر مهرباني ڪري انهن کي نقصان نه ڏيو، انهن جي پنجن هزارن واري قديم سڃاڻپ کي 63 سالن جي سڃاڻپ اڳيان سر بازار تماشو نه بڻايو.

روزاني عبرت جي ٿورن سان

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button