خيرپور

هلندڙ سال ترقياتي ڪمن جو سال آهي : قائم علي شاهه

خيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته هلندڙ سال ترقياتي ڪمن جو سال آهي جنهن ۾ صوبي اندر ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو پيو وڃي. هن اهڙو اظهار جيلاني هائوس خيرپور ۽ سرڪٽ هائوس خيرپو تي مختلف ماڻهن سان عيد الفطر جون مبارڪون وصول ڪرڻ دوران ڪيو. هن چيو ته عوام جي معاشي ۽ سماجي ڀلائي لاءِ موجوده حڪومت وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺي رهي آهي جڏهن ته هزارين بيروزگارن کي سڌو سنئون روزگار ڏنو ويو آهي ۽ هزارين بيروزگارن کي معاوضي سان گڏ تربيت ڏئي روزگار لائق بڻايو آهي. جڏهن ته ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني محلي ۾ واقع جيلاني مسجد ۾ عيد الفطر جي نماز ادا ڪئي ۽ بعد ۾ جيلاني هائوس ويجهو پنهنجي آبائي قبرستان ۾ پنهنجن وڏن جي لاءِ دعاءِ مغفرت گهري. ان موقعي تي جيلاني هائوس تي صوبائي وزير قانون محمد اياز سومرو، ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو، مختلف ايم پي ايز، پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، آفيسرن، سماجي ڪارڪنن، معزز شهرين، انجمنِ تاجران جي نمائندن، صحافين ۽ زندگي جي مختلف مڪتبِ فڪر سان واسطور رکندڙ ماڻهن وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي عيد واڌايون ڏنيون. بعد ۾ وڏي وزير سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ صوبائي بلڊنگ کاتي پاران 7 ڪروڙ جي لاڳت سان تيار ٿيندڙ نئين خيرپور سرڪٽ هائوس جو سنگ بنياد وڌو ۽ سرڪٽ هائوس تي ڪيترن ئي غريب ۽ مستحق عورتن ۽ مردن ۾ عيد الفطر جي تحفي طور کاڌ خوراڪ ۽ ڪراڪري جي سامان سان گڏ ڪپڙن جا تيار ٿيل جوڙا ورهايا. ان موقعي تي کيس بلڊنگ کاتي پاران عملدار نئين تعمير ٿيندڙ سرڪٽ هائوس جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. بعد ۾ وڏي وزير سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ ماڻهن جي مختلف وفدن سان ملاقاتون ڪيون سندن جا مسئلا معلوم ڪيا ۽ لاڳاپيل اختيارين کي سندن مسئلن جي حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان گڏ پيپلز پارٽي خيرپور جا اڳواڻ، ڊي سي او محمد عباس بلوچ، ڊي آءِ جي سکر ظفر عباس فاروقي، ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ ، ڊائريڪٽر اطلاعات سکر عبدالحق ٽڳڙ ، ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات گوٽڪي سيد آصف علي شاهه، انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات خيرپور صاحب خان ڀنڊ ۽ ٻين کاتن جا عملدار ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button