ٺٽو

نڌ ۾ ٻه طرفو بلدياتي نظام مڙهڻ سنڌ جي ورھاڱي طرف پهريون قدم آهي: سيد نوازشاهه

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ)جيئي سنڌنيشنل ڪانگريس جي مرڪزي چيئرمين سيد نوازشاهه ڀڏائي ۽ ٻين اڳواڻن جيئي سنڌ تحريڪ طرفان ڏنل (اڄ) هڙتال واري سڏ جي حمايت ڪندي چيو آهي ته جيئي سنڌ ڪانگريس جا ڪارڪن (اج)واري هڙتال ۾ ڀرپور حصو وٺندا هن چيو ته پ پ سرڪار طرفان سنڌ ۾ ٻه طرفو بلدياتي نظام مڙهڻڻ سنڌ جي ورحاڱي طرف پهريون قدم آهي لساني ٽولي کي خوش ڪرڻ لاءِ پ پ سنڌ جي تاريخي وحدت تي وار ڪيو آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ڪراچي ۽ حيدرآباد هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردن حوالي ڪيا ويا آهن پر سنڌ جو عوام سازشين کي سڃاڻي ٿو سندن جمي مقابلو ڪيو ويندو متحده جي ناجائز خواهشن جي پورائي لاءِ سرڪار هر قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button