سکر

نيٽو جي آئل ٽينڪرن تي نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، آئل ٽينڪرن کي باهه هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب، 8 آئل ٽينڪر سڙي رک ٿي ويا

سکر(بيورورپورٽ)سکر ۽ خيرپور وچ ۾ هڪ هوٽل تي بيٺل نيٽو جي آئل ٽينڪرن تي نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، آئل ٽينڪرن کي باهه هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب، 8 آئل ٽينڪر سڙي رک ٿي ويا. سکر ۽ خيرپور جون فائر برگيڊ واقعي واري هنڌ پهچي باهه تي قابو ڪيو. خبر موجب سومر جي رات سکر ۽ خيرپور جي وچ واري علائقي ڪرم آباد جي هڪ هوٽل تي بيٺل 8 نيٽو جي آئل ٽينڪرن تي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ آئل ٽينڪرن کي باهه وڪوڙي ويئي. ۽ ڏسندي ئي ڏسندي آئل ٽينڪر سڙي رک ٿي ويا. فائرنگ ڪندڙ هٿياربند کجين جي باغ مان فرار ٿي ويا. جڏهن ته باهه کي قابو پائڻ لاءِ سکر ۽ خيرپور جون فائر برگيڊ واقعي واري هنڌ پهتيون ان موقعي تي اي ايس پي خيرپور اقرار حسين ميڊيا کي ٻڌايو ته جهڙي طرح ملڪ اندر حالتون آهن. لڳي ٿو ته دهشتگردن ڪارروائي ڪئي آهي. واقعي جي تفتيش ڪئي وڃي ٿي. جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button