ٺٽو

موجوده پ پ جي حڪومت هڪ صوبي سنڌ ۾ ٻه نظام جي مشڪري ڪري سنڌ کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي سازش ڪئي آهي

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ خلاف سجي سنڌ جيان ٺٽي ۾ به سخت احتجاج ڪيو ويو، قومپرست ڪارڪنن سياسي سماجي ڌرين توڙي شهرين سراپا احتجاجي بڻجي احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا ڪيا، جڏهن ته شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي رپورٽ موجب قومپرست ڌرين جي سڏ تي ٺٽي شهر ۾ سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ خلاف ٺٽي شهر ۾ مڪمل طور شٽربند هڙتال رهي شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بازارون دڪان پئٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشن بند رهيا جڏهن ته شهري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ ماما اسحاق خشڪ جي اڳواڻي ۾ کيربازار ٺٽو کان احتجاجي جلوس ڪڍي شهر جو گشت ڪيو، جلوس ۾ شهري نوجوان قومپرست ڪارڪنن سياسي سماجي ۽ ادبي تنظيمن جا اڳواڻ شامل به ٿي ويا، احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ چوڙيون هيون اهي ٺٽي شهر جي شاهي بازار جو گشت ڪري پ پ جي چونڊيل عيوضين کي ڳوليندا رهيا، بعد ۾ احتجاج جلوس جي صورت ۾ شهري سنڌ جي ورهاڱي خلاف سخت نعريبازي ڪندي مين نيشنل هاءِ وي تي رڪشا اسٽاپ پهچي ڌرڻو هنيو، جتي احتجاج کي خطاب ڪندي ماما اسحاق خشڪ طارق عباسي رزاق انڙ ۽ ٻين چيوته موجوده پ پ جي حڪومت هڪ صوبي سنڌ ۾ ٻه نظام جي مشڪري ڪري سنڌ کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي سازش ڪئي آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي هنن چيو ته چونڊيل نمائندن کي هن صورتحال ۾ چوڙيون پائي گهر ۾ ويهڻ گهرجي، هنن چيو ته سنڌ ۾ ٻه نظام هلائڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button