موجوده جمهوريت مان ذلت ۽ خواري کانسواءِ ڪجهه ناهي مليو، خطرناڪ وقت اچي سگهي ٿو:نواز شريف
لاهور: مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف چيو آهي ته موجوده جمهوريت مان ذلت ۽ خواري کان سواءِ ڪجهه به نه مليو آهي، پاڪستان ان ڪري نه ٺاهيو ويو هو ته دنيا ۾ غريب ۽ پٺتي پيل ملڪ جو اضافو ٿئي، آئون شاهدي ڏيان ٿو ته قوم ۾ 1947ع وارو جذبو موجود آهي، لاهور ۾ حضوري باغ ۾ يوم آزادي جي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان لاءِ فڪر مند رهندو آهيان ۽ هر پاڪستاني کي ان لاءِ ڳڻتي ڪرڻ گهرجي، اڄ به ملڪ جون حالتون ڏسي ڏک ٿئي ٿو، جيڪڏهن اسان ڪجهه نه ڪيو ته ايندڙ وقت خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، اسان کي دل سان عهد ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان جي تقدير تبديل ڪري رهنداسين، موجوده جمهوريت ذلت ۽ خواري کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، موجوده جمهوريت جي بحالي لاءِ گهڻيون قربانيون ڏنيون، قوم ججن کي بحال ڪرايو، عدليه جي آزادي کي بحال ڪرايو، قوم شاهد آهي ته اسان سڪون سان نه ويٺاسين، اسان کي هڪ خوشحال ملڪ جي حيثيت سان اڀرڻو آهي، ملڪ مان ڪرپشن ناانصافي ۽ انتهاپسندي جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، قانون ۽ آئين جي حۡڪمرانن کي هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو، ملڪي خودمختياري ۽ قومي وقار جي دفاع جون ذميواريون مڪمل ڪنداسين، پاڪستان کي فوجي آمريتن کان محفوظ رکڻ لاءِ هر قرباني ڏينداسين.
مانيٽرنگ ڊيسڪ