ٺٽو

غلام الله ويجهو مسافر بس اونڌي، 15 ڄڻا زخمي

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) غلام الله ويجهو مسافر بس اونڌي، 15 ڄڻا زخمي، هڪ جي حالت نازڪ، خبر موجب، غلام الله شهر ويجهو گهوڙاٻاي کان ٺٽو طرف ايندڙ تيز رفتار بس ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري وڃڻ سبب اوندي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ بس ۾ سوار مسافر مصري ملاح، رزاق، حاجي غلام کوکر، مسمات الهوسائي، اسماعيل ، علي اڪبر ،الهڏنو گابار ، وحيد ۽ ٻيا شامل آهن زخمي ٿي پيا زخمين کي سول اسپتال مڪلي آندو ويو جن مان هڪ جڻي وحيد جي حالت نازڪ هئڻ سبب کيس ڪراچي اماڻيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button